دسمبر 1, 2024

شمشيرالحيدري

دروازو کليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري​
سڀ لوڪ سمهيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري​

چنڊ رات چٽي آهي ، ڪڪريون به وسي هليون​
هر بات بڻيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري​

پن کڙڪيو هوا تي ڪو ، يا سانت ڀريو سڏڪو​
ڪو روح رليل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

سڀ پيار ڪري چڪتو، پوريون سين سڀئي پوٿيون
من ھن ۾ اڙيل آھي، من ڪوئي اچي نڪري

هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جو​
باقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي​
ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري​ ….!

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے