دسمبر 2, 2024

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۾ منعقد ٿيل ٿيٽر ورڪشاپ ۾ ڪوسوو جي آرٽسٽڪ ڊائريڪٽر شاگردن کي ٿيٽر بابت ڄاڻ ۽ تربيت ڏني

ڪراچي:
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ پاران اربع ڏينهن پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي سهڪار سان پنهنجي يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر ۾ شاگردن لاءِ ورچوئل ٿيٽر ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪوسوو جي نيشنل ٿيٽر جي آرٽسٽڪ ڊائريڪٽر ڪشٽرم مهمتي، شاگردن کي مختلف پرفارمنسز ذريعي ٿيٽر جي بنيادي ڄاڻ ۽ تربيت ڏني. ڪشٽرم مهمتي پرفارمنگ آرٽ ۾ پنهنجي مهارت سبب وڏي سڃاڻپ رکي ٿو.


ورڪشاپ؛ شاگردن کي تخليقي مشقن ذريعي تربيت ڏيڻ جي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ٽيم ورڪ تي زور ڏيڻ، پاڻ ۾ بهتري آڻڻ ۽ ورچوئل ڪردارن ذريعي ڪميونيڪيشن بابت سيکاريو ويو. هي ٿيٽر ورڪشاپ هڪ متحرڪ تجربو هو، جنهن شاگردن کي همٿايو ته هو پاڻ کي هڪ گڏيل ۽ تخليقي ماحول ۾ اظهار ڏين.

هن ورڪشاپ شاگردن جي اعتماد ۽ رابطي جي صلاحيتن کي پڻ

وڌايو.
ان موقعي تي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ پرڏيهي مهمان ڪشٽرم مهمتي جو ورڪشاپ ڪنڊڪٽ ڪرڻ تي ٿورو مڃيندي چيو ته پرفارمنگ آرٽ زندگيءَ جو عڪس آهي، ان ڪري ان جي اهميت کي سڄي دنيا ۾ مڃيو وڃي ٿو. وائس چانسلر چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پنهنجي شاگردن جي تعليم ۽ تربيت کي سندن تعليمي سرگرمين کان وٺي هم نصابي سرگرمين تائين اهميت ڏئي ٿي. هن چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۾ شاگردن جون سوسائٽيز پڻ قائم ٿيل آهن، جن ۾ هڪ آرٽ سوسائٽي به آهي. اهي سوسائٽيز شاگردن لاءِ مختلف تعليمي ۽ تربيتي سيشنس منعقد ڪنديون رهن ٿيون، جيڪي سرگرميون سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۾ هڪ بهترين ماحول کي جنم ڏين ٿيون. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ادب، آرٽ، موسيقي ۽ اهڙين ٻين سرگرمين ذريعي صحتمند ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو.

وائس چانسلر سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس

افيئرس محمد نعيم احمد، شاگرد غلام رسول سومرو ۽ ٽيم جي ٻين ميمبرن کي ڪامياب ورڪشاپ منعقد ڪرڻ تي سندن مبارڪ ڏني.
ان موقعي تي ڊاڪٽر مجيب صحرائي مهمان کي سووينئرس ڏنا، جڏهن ته ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئر محمد نعيم احمد شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے