دسمبر 1, 2024


عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، نور نبي پليجو ۽ ٻين اڳواڻن جي دادو پريس ڪلب ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس جو مڪمل متن.
معزز صحافي ڀائرو!
هڪڙي پاسي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) وسيلي ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ سنڌو درياهه مٿان نوان ڊيم ۽ ڇھ نوان ڪينال ٺاهڻ جي ڀيانڪ سازش ڪئي وئي آهي ته ٻي طرف سنڌ کي فلسطين وانگر بدامني جي باھ ۾ ساڙيو پيو وڃي. هٿ وٺي انتهاپسندي کي هٿي ڏني وئي آهي. مٿان وري نون صوبن جو راڳ آلاپي 1940ع جي قرارداد ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان جي انحرافي ڪندي سنڌ ڌرتي جي وجود مٿان وار ڪيو پيو وڃي.
صحافي ڀائرو!
نون صوبن جا اعلان پاڪستان جي وفاق ۽ سلامتي کي نه رڳو ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهن پر ملڪ جي آئين ۽ قانون جي سخت خلاف ورزي آهي. جيڪو به فرد ۽ گروھ ملڪ جي سالميت، آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪري ٿو ان خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. 1940ع جي قرارداد تحت سنڌ هڪ رياست طور پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي. نوان صوبا ٺاهڻ جا اعلان ڪندڙ ملڪ جا دشمن آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ واپاري عقيل ڪريم ڊيڊي هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي انڪشاف ڪيو ته واپارين جي آرمي  چيف سان ملاقات ٿي آهي ۽ ان ملاقات ۾ آرمي چيف طرفان سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي آهي.
آرمي چيف طرفان نون صوبن جا اعلان ڪرڻ مان واضع ٿئي ٿو ته هن وقت ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي.  توهان دوستن جي معرفت اڄ اسين اهو چوڻ چاهيون ٿا ته نوان صوبا ٺاهڻ جو ملڪ جي آرمي چيف کي ڪوبه آئيني ۽ قانوني اختيار ناهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته  نون انتظامي يونٽن بابت آرمي چيف متعلق ميڊيا ۾ هلندڙ بيانن ۾ ڪيتري صداقت آهي، ان متعلق  آءِ ايس پي آر وضاحتي بيان جاري ڪري. اسين سمجهون ٿا ته هي نون انتظامي يونٽن جي نالي ۾ سنڌ کي ٽوڙي ايم ڪيو ايم کي صوبو ڏيڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. جنرل مشرف ايم ڪيو ايم جهڙي دهشتگرد تنظيم کي جهولي ۾ ويهاري ان جي مڪمل سهولتڪاري ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم کان بار بار سنڌ جي وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرائڻ جا بيان ڏياريا ۽ هاڻي وري ملڪ جو ٽيڪس چوري ڪندڙ واپارين کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي.
صحافي ڀائرو!
ملڪ جي ٻن صوبن بلوچستان ۽ خيبر پختون خواہ ۾ اڳ ۾ ئي باھ ڀڙڪيل آهي. سنڌ جو عوام پنهنجي وجود، وسيلن جي بچا ۽ جمهوريت جي بحالي، آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ سدائين جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو آهي. اسان جنرل ايوب، جنرل ضياء، جنرل مشرف سميت سمورن ڊڪٽيٽرن جي  مارشل لائن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي. سنڌ جي وجود تي ڪنھن به ميري اک وڌي ته سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو، سنڌ جو عوام پرامن جمهوري جدوجهد جي ميدان ۾ ايندو.
صحافي ڀائرو!
ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ فوج سان لاڳاپيل ڪمپني جي ذريعي غيرملڪي سرمائيدارن کي سنڌ جون زمينون ڏئي سنڌين کي مڪمل طور بي زمين، بي گهر ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جا منصوبا سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي سازش جو حصو آهن.
سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي ماءُ جو غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي سنڌ جو عوام مڪمل طور رد ڪري ٿو ۽ اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا ختم ڪيا وڃن.
صحافي ڀائرو!
سنڌو درياءَ جو پاڻي وڪرو ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي سرڪار ان ترميم ۾ وفاق سان ملوث آهي. سنڌ جو عوام پنهنجي درياءَ جو پاڻي غيرملڪي سرمائيدارن کي وڪرو ڪرڻ ڪڏھن به نه ڏيندو. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن لاءِ زمين ڏيڻ بدران زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي ڍونگ ۽ فراڊ کي سڃاڻي چڪو آهي ۽ ارسا ايڪٽ ترميم سميت نون ڊيمن ۽ ڪينالن خلاف هلندڙ جدوجهد جاري رکي ويندي.
صحافي ڀائرو!
سنڌ ۾ انتهاپسندي خلاف سنڌ جي شعور جو رد عمل ساراهه جوڳو آهي. پر انتهاپسندي خلاف پرامن جمهوري جدوجهد جو دائرو وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته عدالتن کان مٿانهن قتلن جي حمايت ۾ ريليون ڪندڙ ۽ بيان بازي ڪندڙ انتهاپسندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت ملڪ جي امن لاءِ نقصانڪار آهي.
پريس ڪانفرنس ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ اڳواڻ عاطف ملاح ۽ رياض پيچوھو شريڪ هئا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے