دسمبر 1, 2024

سنڌ جي يونيورسٽيز واري وزير محمد علي ملڪاڻي سان ايم پي اي محمد آصف موسيٰ جي گڏجاڻي
ڪراچي يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ڪراچي ڪيماڙي مان چونڊيل اسيمبلي ميمبر محمد آصف موسيٰ سان سندس آفيس ۾ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي يونيورسٽين واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته هو يونيورسٽين ۽ بورڊز ۽ خاص طور تي ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل اٿارٽي اسٽيوٽا ذريعي سنڌ جي نوجوانن جي صلاحيتن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن، جنهن سان سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا کلي سگهن ٿا. .هن چيو ته ڪراچي ميونسپلٽي ايريا ۾ اسٽيوٽا جو مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي جتان هن علائقي جي نوجوانن کي اليڪٽريڪل، مڪينيڪل ۽ ٻيا ڪورس ڪرايا پيا وڃن. ان موقعي تي ايم پي اي محمد آصف موسيٰ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي کي بلديه ۾ مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

هينڊ آئوٽ نمبر…753 ايس ايم

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے