دسمبر 2, 2024

ا

ڪراچي: انساني حقن جي نمائندن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽيءَ جڊيشل ايڪٽوزم کي رد ڪندي پارليامينٽ، عدليه، اسٽبلشمينٽ ۽ ايگزيڪيوٽو جي وچ ۾ اختيارن جي توازن ۽ عدالتي سڌارن سميت آئيني مسئلن جي حل لاءِ ملڪ ۾ آئيني عدالت جي قيام کي اڻٽر ۽ وقتي جي اهم ضرورت قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلیءَ جي ڪميٽي روم ۾ پيپلز پارٽي هيومن رائيٽس سيل تحت انساني حقن جي نمائندن، وڪيلن۽ سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن جو آئيني ترميم بابت پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڊائيلاگ سيشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ پيپلز پارٽي هيومن رائيٽس سيل جي جنرل سيڪريٽري ملائڪه رضا، ايم اين اي نفيسه شاهه، سينيٽر ضمير گهمرو، صوبائي وزير سعيد غني، ايڊووڪيٽ قاضي بشير، انيس هارون سميت ٻين شرڪت ڪئي. ڊائيلاگ سيشن کي صدارتی خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته وفاقي شريعت ڪورٽ بڻجي سگهي ٿي ته پوءِ آئيني عدالت ڇو نه ٿي قائم ٿي سگهي؟ جڏهن شريعت ڪورٽ قائم آهي ته پوءِ آئيني عدالت جي قائم ٿيڻ تي اعتراض ڇو آهن؟ جڏهن آئين ۾ ترميمون ٿي سگهن ٿيون ته پوءِ عدالتي سڌارا ڇو نه ٿا ٿي سگهن؟. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ عدالتي سڌارا ۽ آئيني عدالت جو قائم ٿيڻ اڻٽر ۽ وقتي جي ضرورت بڻجي چڪو آهي، اسين جڊيشل ايڪٽوزم جي خلاف آهيون، چاهيون ٿا ته پارليامينٽ ۽ آئين جي مڪمل بالادستي قائم هجي ۽ ملڪ ۾ جڊيشل ايڪٽوزم نه هجڻ گهرجي. نثار کهڙو چيو ته پارليامينٽ، عدليه، اسٽبلشمينٽ ۽ ايگزيڪيوٽو جي وچ ۾ اختيارن جو توازن برقرار هجي. هن چيو ته آئيني عدالت قائم ٿيڻ سان سپريم ڪورٽ تي ڪيسن جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ آئيني عدالت صرف آئيني معاملا ٻڌي سگهندي. هن چيو ته آئيني عدالت جي قائم ٿيڻ سان سپريم ڪورٽ جي حيثيت نه پئي گهٽائي وڃي ۽ سپريم ڪورٽ يا آئيني عدالت جو چيف جسٽس ڪير به هجي اُهي آزاد عدليه جا آزاد جج هوندا. هن چيو ته آئيني عدالت ۾ هر صوبي کي برابر جي نمائندگي حاصل هوندي جيڪا هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ هر صوبي جي ججن جي برابر واري نمائندگي ناهي ان لاءِ آئيني عدالت قائم ٿيڻ سان هر صوبي جي ججز جي برابري جي بنياد تي نمائندگيءَ تي صوبن کي اعتماد ٿيندو ۽ صوبا به پنهنجي آئيني حقن لاءِ آئيني عدالت سان رجوع ڪري سگهندا. نثار کهڙو چيو ته پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم جو قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليشن ڪميشن جو قيام به عمل ۾ اچڻ گهرجي. هن چيو ته جڊيشل ايڪٽوزم جي ڪري ملڪ سياسي بحراني ڪيفيت سميت ٻين مسئلن جو شڪار رهيو آهي. ماضيءَ ۾ ڊڪٽيٽرن کي ڊاڪٽرائن واري نظريه ضرورت 11 سال ملڪ تي مڙهيو ويو ۽ عدالت ماضيءَ ۾ چئن مارشلائن کي تحفظ ڏنو ۽ آئين جي خالق کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسيءَ تي چڙهايو ويو جنهن جو ڪيترن ئي سالن کان پوءِ هاڻي وڃي فيصلو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته آمر پرويز مشرف کي ماضيءَ م عدالت آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو اختيار ڏنو هو ۽ عدالت مارشلائن کي تحفظ ڏيڻ تي صرف هڪ دفعو معافي گهري هئي ان لاءِ عدالت کي هر مهيني عوام کان معافي گهرڻ گهرجي. هن چيو ته ججز جو ڪم ڊيم ٺاهڻ ناهي پر ماضيءَ ۾ هڪ چيف جسٽس ڪالاباغ ڊيم لاءِ مهم هلائي جنهن تي کيس چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم جو نالو ورتو ويو ته توهان تي توهين عوام جي درخواست داخل ڪندس. نثار کهڙو چيو ته عدالتي سڌارا ۽ ٽرٿ ريڪنيسیليشن ڪميشن جو قيام پيپلز پارٽيءَ جي منشور ۽ ميثاقِ جمهوريت جو حصو آهي جنهن تي عمل درآمد چاھیون ٿا ۽ آئيني ترميم لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان مشاورت ڪري رهيو آهي. آئيني ترميم بابت اميد آهي ته جلد اتفاق راءِ ٿي ويندي ۽ جهڙي طرح اتفاق راءِ سان 18 هين ترميم منظور ٿي هئي ان ئي اتفاق راءِ سان آئيني عدالت جي قيام بابت 26 هين آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ٿيندي. ان موقعي تي ايم اين اي نفيسه شاهه چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران آئيني ترميم بابت سياسي جماعتن جي ليڊرشپ سان مشاورت جاري آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کان پهريان واري پاڪستان ۾ غيريقيني واري صورتحال هئي ۽ ماضيءَ ۾ اسٽبلشمينٽ جي سياست ۾ مداخلت هئي ۽ عدالت انهن کي سهارو ڏنو هيو ۽ ماضيءَ ۾ اسٽبلشمينٽ ۽ عدليه ڳٽ جوڙ سبب ملڪ ۾ غيريقيني جي صورتحال رهي. نفيسه شاهه چيو ته ماضيءَ ۾ عدالتن نظريه ضرورت کي جنم ڏنو جنهن ڪري آمرن آئين سان حشر ڪيو سندن عملن کي تحفظ به عدليه ڏنو ۽ ان ئي عدليه ماضيءَ ۾ چونڊيل وزيراعظمن کي به گهر موڪليو. نفيسه شاهه چيو ته پارليامينٽ، جڊيشري ۽ ايگزيڪيوٽو ۾ اختيارن جو توازن هجڻ گهرجي. صدر زرداريءَ 18 هين ترميم ذريعي آئين کي مڪمل بحال ڪرايو ۽ پنهنجا اختيار پارليامينٽ حوالي ڪيا. هن چيو ته سياسي جماعتون ايندڙ ڏينهن آئيني معاملن تي سپريم ڪورٽ تي هلي وينديون آهن جنهن ڪري سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس التوا ۾ پيل آهن. هن چيو ته اسين عدليه کي غير تڪراري بڻائڻ چاهيون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته اختيارن جو توازن رهي ان ڪري آئيني عدالت جو قيام ضروري آهي. هن چيو ته منهنجي راءِ آهي ته ججن جي مقرري عدليه پاڻ نه ڪري ان ۾ پارليامينٽ جو به ڪردار هجڻ گهرجي ان لاءِ آئيني عدالت هجي ته جيئن جڊيشل ايڪٽوزم ۾ گهٽتائي اچي ۽ ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي. قانوندان سينيٽر ضمير گهمرو چيو ته پارليامينٽ ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت سان آئين ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي، آئين ۽ قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي ۽ تشريح ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي پر بنيادي حقن جي خلاف جيڪڏهن قانونسازي ٿيندي ته عدالت ان کي رد ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آئيني عدالت ۾ سڀني صوبن مان ججز جي برابر جي نمائندگي هوندي جيڪا هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ناهي ان لاءِ عدالتي سڌارن سان عدالتي معاملن ۾ بهتري ايندي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته 17 هين ترميم جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿي ته سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار قرار ڏنو هو ۽ 18 هين ترميم تي 100 سيڪڙو اتفاق هو پر عدالت چيو ته جيڪڏهن ججن جي مقرريءَ جو معاملو تبديل ڪيو ويو ته اسين ان کي بنيادي حقن جي خلاف ورزي قرار ڏئي اڏائي ڇڏينداسين پر سوال اِهو آهي ته ججن جي مقرري جو معاملو ڪهڙي بنيادي حقن جي خلاف ورزيءَ ۾ اچي ٿو. سعيد غني چيو ته منهنجي راءِ مطابق 19 هين ترميم نه اچڻ گهرجي ها. هن چيو ته شهيد ڀٽو کي ڦاسي ڏيندڙ سمورن ججن جو تعلق پنجاب سان هيو ۽ پي ٽي آءِ جي عشق ۾ سپريم ڪورٽ 63 اي جي ٻه ڀيرا متضاد تشريح ڪئي ان لاءِ ملڪ ۾ آئيني معاملن جا ڪيس آئيني عدالت ۾ ئي وڃڻ گهرجن ۽ اِهو فارمولو پوري دنيا ۾ هلي رهيو آهي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي هيومن رائيٽس سيل جي جنرل سيڪريٽري ملائڪه رضا چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي هدايت تي آئيني عدالت جي قيام بابت سول سوسائٽي، وڪيلن سان مشاورت ڪري رهيا آهيون ۽ بلاول ڀٽو زرداري آئيني عدالت جي قيام لاءِ مشاورت ۽ هم آهنگي چاهي ٿو. ملائڪه رضا چيو ته سڄي دنيا ۾ آئيني معاملن لاءِ آئيني عدالتون قائم آهن ان لاءِ پيپلز پارٽي ملڪ ۾ آئيني عدالت جو قيام چاهي ٿي ان متعلق سياسي جماعتن ۾ جمهوري طريقو اختيار ڪري اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان تي ايترو گوڙ ڇو آهي؟. هن چيو ته جڊيشل سڌارا ۽ آئيني عدالت جو قيام آئيني معاملن جي فوري حل لاءِ وقت جي ضرورت آهي ۽ جڏهن آئيني ترميم تي اتفاق راءِ ٿي ويندو ته پوءِ آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ٿيندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے