نومبر 30, 2024

سلاٽر هائوس کان جانورن کي بچائي سنڌ جي مسڪين ماڻهن کي ڏئي کين روزگار سميت معاشي حالت بهتر ڪنداسين، نجمي عالم

جانورن جي فارمن جي رجسٽريشن ۽ ڳڻپ وارو ڪم تيز ڪيو وڃي، نجمي عالم لائيواسٽاڪ کاتي کي هدايت

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ لائيو اسٽاڪ بريڊنگ 20 ساله پروگرام بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي اندر 20 سالن لاءِ بريڊنگ پاليسي تي صوبائي صلاحڪار کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر عبدالمنان کوکر بريفنگ ڏيندي صوبائي صلاحڪار کي 20 ساله پروگرام ۾ ايندڙ لائيو اسٽاڪ هلندڙ عالمي بينڪ سميت سڀني هلندڙ منصوبن بابت ڄاڻ ڏني. ان موقعي تي سيد نجمي عالم چيو ته سنڌ جي باڊرن تي وٽنري پوسٽن جو قيام ضروري آهي ته جيئن ٻين صوبن کان ايندڙ جانورن کي چيڪ ڪيو وڃي ۽ جيڪي بيمار جانور آهن انهن جي داخلا تي پابندي هنئي وڃي. هن چيو ته جانورن جي فارمن جي رجسٽريشن ۽ ڳڻپ واري ڪم ۾ تيزي پيدا ڪئي وڃي ته جيئن اسان کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌائڻ واري پروگرام کي اوليت جي بنياد تي لاڳو ڪيو وڃي. بريفنگ دوران صوبائي صلاحڪار کي ٻڌايو ويو ته اسان وٽ بريڊنگ پروگرام ۾ 14 سو ٽريني تيار آهن جن جي صلاحيتن مان فائدو وٺڻ سميت وڌيڪ ٽريننگ ورتل ماڻهن جي ضرورت آهي جنهن تحت اسان سڄي صوبي ۾ يونين ڪائونسل سطح تائين ان پروگرام کي شروع ڪري سگهون. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار سيد نجمي عالم چيو ته ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر ۾ ايندڙ زهريلي پاڻي کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻا آهن ڇاڪاڻ ته ان ڍنڍ سان کين ماڻهن جي ڪاروبار جو مسئلو آهي ۽ ڍنڍ ۾ رهندڙ جيوت پڻ زهريلي پاڻي ڪري مري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي ٻاهرين ملڪن جي جانورن جي نسل بجاءِ پنهنجي ملڪ اندر جانورن جي نسل جي افزائش کي ترجيح ڏيڻي آهي ڇاڪاڻ ته اسان محنت ڪري جنريٽڪ ليب کي فعال ڪري سنڌ جي مڙني جانورن جا ڀلا نسل پيدا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان جانورن جي پيدا ٿيندڙ ٻچن کي سلاٽر هائوس کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا آهن ته جيئن اهي ننڍا ڦر اسان وڏا ڪري سنڌ جي مسڪين ماڻهن کي ڏئي کين روزگار سميت معاشي حالت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سندن مدد ڪري سگهون ٿا. اجلاس ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ سنڌ ڊاڪٽر حزب الله ڀٽو، ايڊيشنل سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪتر اختر شاهاڻي، ڊائريڪٽر پلاننگ ڊاڪٽر مبارڪ جتوئي، ڊائريڪٽر اينيمل بريڊنگ ڊاڪٽر ذوالفقار پٺاڻ، ڊائريڪٽر اينيمل هيسبنڊري ڊاڪتر رياض احمد عباسي، ڊائريڪٽري ايڪسٽينشن ۽ ريسرچ رحمت الله سنجراڻي، ڊائريڪٽر سي وي ڊي ايل ڊاڪٽر اعظم بروهي، لائيو اسٽاڪ بريڊنگ اٿارٽي مان ڊاڪٽر عبدالله سيٺار، ڊاڪٽر عبدالمنان کوکر ۽ ڊاڪٽر جاويد شريڪ ٿا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے