دسمبر 2, 2024

اڱللل

ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران سال 2017ع کان 2020ع تائين گذريل چئن سالن دوران مختلف ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن کي هڪ ارب 53 ڪروڙ 80 لک روپين جا اشتهار جاري ڪرڻ جي انڪشاف تي سنڌ جي اطلاعات کاتي کان اشتهار جاري ٿيندڙ ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن جي تفصيلن سميت اشتهار ڪهڙي معيار تحت جاري ٿيا؟ ان بابت پڻ تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي. اجلاس ۾ هڪ ارب 53 ڪروڙ 80 لک رپین جا اشتهار ڪهڙن ٽي وي چئنلن ۽ ڪهڙين اخبارن کي ڪهڙي فارمولي تحت جاري ٿيا ان بابت سنڌ جو اطلاعات کاتو ڪي به تفصيل نه ڏئي سگهيو. اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سال 2017ع کان 2020ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان سميت ڊائريڪٽرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران سال 2017ع کان 2020ع تائين مختلف ٽي وي چئنلن ۽ مختلف اخبارن کي هڪ ارب 53 ڪروڙ 80 لک روپين جا اشتهار جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ان بابت سنڌ جو اطلاعات کاتو اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن کي جاري ڪيل اشتهارن بابت تفصيل نه ڏئي سگهيو. ان موقعي تي پي اي سي جي چيئرمين نثار کهڙو سنڌ جي اطلاعات کاتي کان سال 2017ع کان 2020ع تائين جن ٽي وي چئنلن ۽ جن اخبارن کي هڪ ارب 58 ڪروڙ 80 لک روپين جا اشتهار جاري ٿيا انهن جي نالن جي تفصيل سميت اشتهار جاري ٿيڻ جي معيار بابت رپورٽ گهري ورتي ۽ نثار کهڙو چيو ته سڀئي ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا جا ادارا قابل احترام آهن پر ڪيترن ئي ڊمي اخبارن کي اشتهار جاري ڪيا ويا آهن جن جي ڪا به سرڪيوليشن ناهي ان لاءِ اشتهارن تي عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان اربين روپيه خرچ ڪيا ويا آهن ان لاءِ جن ٽي وي چئنلن ۽ جن اخبارن کي هڪ ارب 53 ڪروڙ 80 لک روپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا ان بابت تفصيل فراهم ڪيا وڃن. پي اي سي جي اجلاس ۾ محڪمه اطلاعات سنڌ جي اشتهارن بابت آڊٽ پيرا ۾ اشتهار جاري ڪرڻ جا تفصيل ۽ کاتن جي بلن سميت ٽرانسميشن سرٽيفڪيٽ فراهم نه ڪيا ويا جنهن ڪري آڊٽ پيراز سيٽل نه ٿي سگهي ۽ پي اي سي اشتهارن جا تفصيل فراهم ڪرڻ تائين آڊٽ پيرا ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر فلمنگ سيڪشن پاران بغير ڪنهن ڪم جي صرف پئٽرول خرچ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان موقعي تي پي اي سي جي چيئرمين نثار کهڙو سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ فلمنگ سيڪشن ۽ فلم ڊائريڪٽوريٽ قائم ٿيل آهي ته پوءِ فلمنگ ڊائريڪٽر ڪهڙي فلم بندي ڪري رهيو آهي؟ جنهن تي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري پي اي سي کي ٻڌايو ته ڊائريڪٽر پبلڪ رليشن فلمبنديءَ جو ڪو به ڪم نه ڪري رهيو آهي ان متعلق کين ڪا به اسائنمينٽ ناهي هوندي جنهن تي چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو چيو ته ڇا ڊائريڪٽر فلم کي صرف آفيس اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ ٽي لک روپين جو پئٽرول خرچ ڪرڻ لاءِ رکيو ويو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے