دسمبر 2, 2024

[ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي پهرين پي ايڇ ڊي اسڪالر عبدالله ايوب جي ٿيسز جي فائنل دفاع وارو سيمينار
ڪراچي:
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پهريون پي ايڇ ڊي پيدا ڪرڻ جو اعزاز ڪري رهي آهي. پي ايڇ ڊي جي پهرين ڊگري حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ طرف ويندڙ اسڪالر عبدالله ايوب خان جي ٿيسز جو فائنل دفاع وارو سيمينار اڱاري ڏينهن يونيورسٽيءَ جي سيمينار هال ۾ وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو. عبدالله ايوب، سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس شعبي مان ”ڊجيٽل فارنزڪس انٽيگريٽس ود بلاڪچين هائپرليجر اينڊ چيلنجز“ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز لکي آهي. هن جي پي ايڇ ڊي جو سپروائيزر ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، ڊين فيڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ شريڪ-سپروائيزر ڊاڪٽر آصف علي لغاري، اسسٽنٽ پروفيسر ڪمپيوٽر سائنس، آهن.
سيمينار ۾ ڳالهائيندي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته، پي ايڇ ڊي اسڪالر عبدالله ايوب خان سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙ پهريون اسڪالر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري رهيو آهي، جيڪا اسان سڀني بشمول فيڪلٽي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي.
ڊاڪٽر مجيب صحرائي عبدالله ايوب سان گڏ سندس پي ايڇ ڊي سپروائيزر ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، شريڪ- سپروائيزر ڊاڪٽر آصف علي لغاري، ڊائريڪٽر پوسٽ گريجوئيٽ اسٽڊيز ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ، تعليم بابت ايڊوائيزر ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان ۽ اسسٽنٽ پروفيسر محمد عدنان خورشيد سان گڏ فيڪلٽي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي مان عبدالله ايوب پاران پي ايڇ ڊي جي پهرين ڊگري حاصل ڪرڻ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ هڪ شاندار اضافو آهي، ۽ هيءُ عظيم ادارو ويجهي مستقبل ۾ انهن شعبن ۾ وڌيڪ پي ايڇ ڊيز پيدا ڪندو، جيڪي ملڪ کي فائدو پهچائي سگهن. هن چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام کي 2012ع ۾ يونيورسٽي جو درجو مليو هو، هاڻي اها پنهنجي ابتدائي مرحلن مان نڪري مختلف شعبن ۾ ذهين ۽ قابل گريجوئيٽس پيدا ڪري رهي آهي.
پي ايڇ ڊي اسڪالر عبدالله ايوب خان چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جهڙي تاريخي اداري مان پهريون پي ايڇ ڊي هئڻ تي کيس فخر آهي. هن پنهنجي ٿيسز تي پريزنٽيشن پڻ ڏني.
سيمينار ۾ دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر زاهد علي تنيو ۽ ڊائريڪٽر ڪيمپس NI-FAST پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار ميمڻ ايڪسٽرنل ايڪسپرٽس طور سيمينار ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ پي ايڇ ڊي اسڪالر ۽ سندن پي ايڇ ڊي ٿيسز جو تعارف ڪرايو. سيمينار ۾ ڊين ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽي، تعليم بابت ايڊوائيزر ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان، ڊپارٽمينٽ آف آرٽيفيشل انٽيليجنس اينڊ ميٿميٽيڪل سائنسز جي چيئرپرسن ڊاڪٽر منصور احمد کھڙي، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر اسٽيفن جان، انوائرمينٽل سائنسز ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر حنا شهناز، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عنبرين فضل، انگريزي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر رياض احمد منڱريي، فيڪلٽي ميمبرن ۽ مختلف انتظامي شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي.
[ سندھ مدرستہ الاسلام یونیورسٹی کے پہلے پی ایچ ڈی اسکالر عبداللہ ایوب کی تھیسز کا فائنل ڈفینس

سندھ مدرستہ الاسلام یونیورسٹی کے پہلے پی ایچ ڈی ڈگری حاصل کرنے کا اعزاز حاصل کرنے والے اسکالر عبداللہ ایوب خان کا تھیسس فائنل ڈیفنس منگل کو یونیورسٹی کے سیمینار ہال میں منعقد ہوا، جس کی صدارت وائس چانسلر ڈاکٹر مجیب صحرائی نے کی۔ پی ایچ ڈی اسکالر عبداللہ ایوب نے سندھ مدرستہ الاسلام یونیورسٹی کے شعبہ کمپیوٹر سائنس سے ”ڈیجیٹل فرانزکس انٹیگریٹس ود بلاک چین ہائپر لیجر اینڈ چیلنجز“ (“Digital Forensics Integrates with Blockchain Hyperledger and Challenges”) کے موضوع پر پی ایچ ڈی کی ہے، جس میں ان کے سپروائزر ڈاکٹر آفتاب احمد شیخ، ڈین فیکلٹی آف انفارمیشن ٹیکنالوجی اور شریک سپروائزر ڈاکٹر آصف علی لغاری، شعبہ کمپیوٹر سائنس کے اسسٹنٹ پروفیسرتھے۔
سیمینارمیں خیالات کا اظہار کرتے ہوئے وائس چانسلر ڈاکٹر مجیب صحرائی نے کہا کہ پی ایچ ڈی اسکالر عبداللہ ایوب خان سندھ مدرستہ الاسلام یونیورسٹی کی تاریخ میں پی ایچ ڈی کی پہلی ڈگری حاصل کرنے وارے اسکالر بننے کا اعزاز حاصل کرنے جا رہے ہیں جو ہم سب، وائس چانسلر، فیکلٹی اور دیگر اسٹیک ہولڈرز کے لیے بڑے فخرکی بات ہے۔
وائس چانسلر ڈاکٹر مجیب صحرائی نے عبداللہ ایوب کے ساتھ ان کے پی ایچ ڈی کے سپروائزر ڈاکٹر آفتاب احمد شیخ، شریک سپروائزر ڈاکٹر آصف علی لغاری، ڈائریکٹر پوسٹ گریجویٹ اسٹڈیز ڈاکٹر زاہد علی چنڑ، ایڈوائزر برائے تعلیم ڈاکٹر عبدالحفیظ خان، اسسٹنٹ پروفیسر محمد عدنان خورشید اور تمام فیکلٹی ممبران کو مبارکباد دیتے ہوئے کہا کہ سندھ مدرستہ الاسلام یونیورسٹی سے پہلا پی ایچ ڈی پیدا کرنا یونیورسٹی کی تاریخ میں ایک قابل ذکر اضافہ ہے اور یہ عظیم ادارہ مستقبل قریب میں ایسے شعبوں میں مزید پی ایچ ڈیز تیار کرے گا جن سے ملک کو حقیقی معنوں میں فائدہ ہو سکتا ہے۔ انہوں نے کہا کہ سندھ مدرستہ الاسلام کو 2012 میں یونیورسٹی کا درجہ ملا تھا، اب یہ اپنے ابتدائی مراحل سے نکل کر مختلف شعبوں میں ذہین اور قابل گریجویٹس پیدا کر رہی ہے۔
پی ایچ ڈی اسکالر عبداللہ ایوب خان نے کہا کہ وہ سندھ مدرستہ الاسلام یونیورسٹی کے تاریخی ادارے سے پہلی پی ایچ ڈی ہونے پر فخر محسوس کرتے ہیں۔ انہوں نے اپنی تھیسز پر پریزنٹیشن بھی دی۔
داؤد یونیورسٹی آف انجینئرنگ ٹیکنالوجی کے ڈین پروفیسر ڈاکٹر زاہد علی تنیو اور ڈائریکٹر کیمپس NI-FAST پروفیسر ڈاکٹر ذوالفقار میمن نے سیمینار میں ایکسٹرنل ایکسپرٹس کی حیثیت سے شرکت کی۔ قبل ازیں ڈاکٹر زاہد علی چنڑ نے پی ایچ ڈی اسکالر اور ان کی پی ایچ ڈی تھیسز کا تعارف پیش کیا۔ سیمینار میں ڈینز ڈاکٹر آفتاب احمد شیخ، ڈاکٹر جمشید عادل ہالیپوٹو، ایڈوائزر آن اکیڈمکس ڈاکٹر عبدالحفیظ خان، چیئرپرسن شعبہ آرٹیفیشل انٹیلی جنس اینڈ میتھمیٹیکل سائنسز ڈاکٹر منصور احمد کھڑو، شعبہ تعلیم کے چیئرپرسن ڈاکٹر اسٹیفن جان، چیئرپرسن شعبہ انوائرمینٹل سائنسز ڈاکٹر حنا شہناز، چیئرپرسن شعبہ میڈیا اینڈ کمیونیکیشن اسٹڈیز ڈاکٹر عنبرین فضل، چیئرپرسن شعبہ انگریزی ڈاکٹر ریاض احمد منگریو، فیکلٹی ممبران اور مختلف انتظامی شعبوں کے سربراہان نے شرکت کی۔

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے