دسمبر 2, 2024

عمرڪوٽ
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي جي اڳواڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي وفد عمرڪوٽ ۾ قتل ڪيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي وارثن وٽ ڳوٺ جانھيرو پھچي غائبانه جنازي نماز پڙھي تعزيت ڪئي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ محترم اياز لطيف پليجي صاحب جو پيغام پھچايو. وارثن کي انصاف لاءِ قانوني ۽ سياسي مدد جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، شوڪت تنيو، انور نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، ممتاز شيخ، نبي بخش لغاري، ارباب نوحاڻي، بابو نوحاڻي، گل حسن پلي، ڀلي ڏنو راڄڙ، راجا دسرت، لڇمڻ داس، شوڪت دلواڻي، علي حسن کوسو، کٽو مل، حفيظ سينھڙو، ايس ڪي مالھي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل ھئا

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے