دسمبر 2, 2024

آئون مسڪين
ميرڙو ناپاڪ ڪولهيڙو،
منهنجي ڪلهي تي اَڌُ سڙيل لاشُ هو
هڪ مسلم جو.
جيڪي چون ٿا
مسلمانُ مسلمانَ جو ڀاءُ آهي.
آئون اهو چوندي لڄي ٿو ٿيان ته..
منهنجي پويان لشڪر هو سندس ڀائرن جو
جن سندس اڌ سڙيل لاش کي
ڪُتن جي حوالي ڪرڻ ٿي چاهيو
ان وقت مون کي خيال آيو
ماڻهو نه پر! خوبصورت بد صورت روحَ هوندا آهن.
مون ۾ به ساھُ هو
مون کي به جان پياري هئي
منهنجي پويان به منهنجا ٻچڙا منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا.
پر منهنجو روح خوبصورت هو
مون کي يقين هو ته ڪُنڀارن جو ڪُنڀار
صفا مروا جي وچ ۾ پاتل ابراهيم جي هاجران جي ڊوڙ جهڙي ڊوڙ جو اجر ضرور ڏيندو.
هيءُ اڌُ سڙيل لاشُ جيڪڏھن گنگهار هوندو ته به خدا جو.
مون لاءِ ته مون جهڙو مٽيءَ جو ماڻهو هو.
نه اسان جي نرڙ تي جهنمي لکيل هو
نه پويان لڳل لشڪر جي نرڙ تي جنتي لکيل هو پوءِ ڪيئن هڪ انسان کي
ڪتن جي هجوم حوالي ڪيان ها
مون انسان جي عظمت جو مانُ رکيو
ان جي ربَ منهنجو مانُ رکيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے