دسمبر 1, 2024

پرڏيهه ويندڙ گوشت جو معيار بهتر ڪري غير ملڪي ناڻو وافر مقدار ۾ ڪمائي سگهجي ٿو، سيد نجمي عالم
ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير جي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ گوشت ايڪسپورٽرز سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خطاب ڪندي سيد نجمي عالم چيو ته پرڏيهه ويندڙ گوشت جو معيار بهتر ڪري اسان غير ملڪي ناڻو وافر مقدار ۾ ڪمائي سگهون ٿا. سلاٽر هائوسز کي رجسٽر ڪري اسان عوام کي بهتر گوشت مارڪيٽ اندر مهيا ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا آهن ان لاءِ اسان کي قانونسازي به ڪرڻي آهي. اجلاس ۾ سيڪريٽري لائيواسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ايڊيشنل سيڪريٽري ٽيڪنيڪل لائيواسٽاڪ ڊاڪٽر نظير هسين ڪلهوڙو، ٽاٽا گروپ آف ايڪسپورٽرز جي CEO بلال انور ۽ ميٽ ورلڊ جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. سيد نجمي عالم چيو ته اسان کي بيمار ۽ مئل جانور جي گوشت واپرائڻ کان بچائڻ لاءِ فارم جي رجسٽريشن ۽ جانورن جي ٽيگنگ واري مرحلي کي مڪمل ڪرڻو پوندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے