دسمبر 1, 2024

ڪراچي وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊز محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ جون يونيورسٽيون تحقيق ۽ مشاهدي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشان آهن ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جو يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتو استادن، محققن ۽ شاگردن جي مڪمل همٿ افزائي ۽ مدد جاري رکندو. انهن خيالن جو اظهار هن اڄ ايڪسپو سينٽر ۾ اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪس ۽ انڊسٽريل ايگزيبيشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مختلف يونيورسٽين ۽ بدر ايڪسپو جي گڏيل سهڪار سان ٿيل نمائش جي موقعي تي وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊز محمد علي ملڪاڻي کي دائود يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمين ۽ علما يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نمائش جو دورو ڪرايو، جتي شاگردن پاران پيش ڪيل پروجيڪٽس جي وضاحت ڏني وئي. تقريب دوران خطاب ڪندي وزير يونيورسٽيز محمد علي ملڪاڻي چيو ته چارج سنڀاليندي ئي هنن امتحانن جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽائڻ ۽ پيپر چيڪنگ جي عمل کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي حڪمت عملي ترتيب ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هنن چارج ورتي ته کين ٻڌايو ويو ته ڪافي وقت کان صوبي جي گهڻين يونيورسٽين ۾ مستقل وائيس چانسلر مقرر نه هئا، پر گذريل هفتي سنڌ حڪومت پنجن يونيورسٽين ۾ مستقل وائيس چانسلر مقرر ڪيا آهن.محمد علي ملڪاڻي نمائش ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ استادن جي همٿ افزائي ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت توهان جي مڪمل مدد ڪندي، توهان جديد دور جي گھرجن کي نظر ۾ رکندي بهترين ۽ ڪارآمد پروجيڪٽس تيار ڪري رهيا آهيو. تقريب کان پوءِ وزير يونيورسٽيز نمائش ۾ حصو وٺندڙ ذهين شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊز پڻ ڏنيون.
هينڊ آئوٽ نمبر…680 ايس ايم

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے