1
حيدرآباد عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، ڪاشف ملاح ۽ منصور ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ميثاق پارليامينٽ جا دعويدار خود جمهوريت جا قاتل آهن. ارسا ايڪٽ ۾ ترميمي آرڊيننس ۽ ايس آءِ ايف سي جو قيام جمهوريت جو قتل آهي. پيپلز پارٽي صدر زرداري ذريعي ارسا ايڪٽ آرڊيننس ختم ڪرائڻ بدران لفظي ڊامي بازي ۾ مصروف آهي. پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ڳالھ جمهوريت جي ڪندا آهن ۽ آئين ساز ادارن ۾ وري غير جمهوري قوتن کي مضبوط ڪرڻ واري قانون سازي ڪري ايندا آهن. پيپلز پارٽي جمهوريت کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي. ايس آءِ ايف سي جي حمايت ڪرڻ کانپوءِ ميثاق پارليامينٽ جي ڳالھ ڪرڻ تي بلاول ڀٽو کي شرم اچڻ گهرجي. سمورن صوبن جا اختيار ايس آءِ ايف سي جي حوالي ڪري اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهي وئي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس ذريعي سنڌو درياءَ جو پاڻي غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪيو ويندو. سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي مٿان وري سنڌو درياءَ جو پاڻي وڪرو ڪري سنڌ جي ماڻھن کي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپايو ويندو. هڪڙي آمر جنرل ايوب سنڌ جون ٽي نديون هندستان کي وڪرو ڪيون ۽ هاڻوڪا آمر سمورو سنڌو درياءَ غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري رهيا آهن. موجوده حڪمران جمهوريت جا قاتل ۽ آمرن ۽ جابرن جا پيروڪار آهن. پيپلز پارٽي سدائين جمهوريت جمهوريت جو راڳ آلاپي آمرن ۽ جابرن جو ساٿ ڏنو آهي.