اقوام متحده جي 8 رڪني وفد جي چيف سيڪريٽري سنڌ سان ملاقات
مڪلي قبرستان، ليونگ انڊس پروجيڪٽ ۽ ماحولياتي تبديلي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيو ويون
ڪراچي،
اقوام متحده جي هڪ اعليٰ سطح جي وفد جي محمد يحييٰ، اقوام متحده جي پاڪستان ۾ رهائشي ۽ انساني امور جي ڪوآرڊينيٽر جي سربراهي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مڪلي هيريٽيچ سائٽ، لِونگ انڊس پروجيڪٽ ۽ ماحولياتي ۽ انساني چيلينجن تي ڳالهيون ٿيون. وفد ۾ اقوام متحده جي آفيس فار هيومينيٽيرين افيئرز (UNOCHA)، اقوام متحده جي ٻارن جي فنڊ (UNICEF)، اقوام متحده جي رهائشي ڪوآرڊينيٽر آفيس (UNRCO)، ۽ اقوام متحده جي ڊيپارٽمينٽ آف سيڪيورٽي اينڊ سيڪيورٽي (UNDSS) جا سينيئر نمائندا شامل هئا.
ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاھ اقوام متحده جي 2022 جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي اقوام متحده کي ساراهيو. هن موسمياتي تبديلين جي سنڌ تي اثرات جو ذڪر ڪندي چيو ته بار بار ايندڙ ٻوڏون، برساتون، سامونڊي سطح جو وڌڻ، ۽ وڌندڙ آلودگي صوبي ۾ موسمياتي تبديلين جي سبب هجرت ۽ ڊگهي مدت جي ماحوليتي مسئلن کي جنم ڏنو آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه وفد کي تازو ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان بابت ڄاڻ ڏني ۽ چيو ته ڊويزنل ڪمشنرن کي انفرا اسٽرڪچر ۽ فصلن تي اثرن جو جائزو وٺڻ جو چيو ويو آهي.
اقوام متحده جي وفد سنڌ کي انهن چيلينجن سان نبرڻ لاءِ پنهنجي تعاون فراھم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. محمد يحييٰ تجويز ڏني ته سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين تي هڪ ڊائلاگ جو انعقاد ڪيو وڃي، جنهن ۾ اهم ڊونر ۽ پارٽنر شامل هوندا، جيئن پائيدار حل ڳولڻ ۽ اهڙا قابل عمل منصوبا تيار ڪرڻ ۾ مدد ملي، جيڪي گهٽ خرچ ۽ موثر هجن ۽ صوبو جي ماحوليتي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. ملاقات دوران توانائي جي بحران تي پڻ ڳالهيون ٿيون ۽ وفد سنڌ کي ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي، جيئن صوبو جي توانائي پاليسين کي تجديد ۽ پائيدار توانائي جي هدف سان هم آهنگ ڪري سگهجي.
چيف سيڪريٽري سنڌ حڪومت ۽ اقوام متحده جي گڏيل منصوبي "لِونگ انڊس انيشيٽو” جي اهميت تي روشني وجھڻدي چيو ته هي منصوبو پاڪستان لاءِ هڪ مثبت تبديلي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن منصوبي جي تحت 25 انيشيٽو ذريعي قابل عمل منصوبن جي تياري تي زور ڏنو ۽ چيو ته منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڀني سطح تي حڪومت ۽ عالمي ادارن جي تعاون جي ضرورت آهي.
چيف سيڪريٽري اقوام متحده جي وفد کي چيو ته هو مڪلي قبرستان، جيڪو يونيسڪو جي عالمي ورثي جي سائٽ پڻ آهي ان جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ مدد فراهم ڪري. هن هن تاريخي ورثي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان جي تحفظ لاءِ بين الاقوامي مدد جي سخت ضرورت آهي، جيئن ان کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رکڻ ۾ مدد ملي سگهي. گڏيل قومن جي وفد پاران مڪلي قبرستان جو دورو ڪرڻ ۽ سائٽ جي تحفظ ۾ تعاون فراھم ڪرڻ جو يقين ڏياريو