دسمبر 2, 2024

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ قائداعظم محمد علي جناح جي متاثر ڪندڙ اڳواڻي، شاندار نظريي ۽ انٿڪ محنت جي بدولت سان اسان کي پاڪستان مليو آھي ۽ ھن برٽش راڄ کان برصغير کان مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ وارو مطالبو مڃرايو. ھن چيو تھ باني پاڪستان محمد علي جناح جي يوم وصال تي اسان کي عھد ڪرڻ گھرجي تھ ذاتي رنجشن کي وساري ملڪ کي قائد اعظم جي ويزن مطابق ترقي ڏينداسين ۽ ان مقام تي پھچائينداسين جنھن لاءِ شھيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد جمھوريت محترمھ بينظير ڀٽو سندن زندگين جون قربانيون ڏنيون. وڏي وزير چيو تھ امين گنڊاپور جي بيان جي ھڪ شخص کان سواءِ سموري پاڪستان مذمت ڪئي آھي. ارسا ترميم خلاف سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد عوام جي جذبن جي ترجماني آھي. ڪراچي جي روڊن جي بحاليءَ لاءِ سروي شروع ڪيو ويو آھي، باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي 76ھين ورسيءَ تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ مزار قائد تي حاضري ڏني، گل چڙھايا ۽ فاتحھ خواني ڪئي، ان موقعي تي گورنر سنڌ محمد ڪامران ٽيسوري ۽ صوبائي ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود ھئا.
ان کان پوءِ مزار قائد تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته علي امين گنڊاپور جي بيان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، رڳو هڪ شخص کانسواءِ سندس پنهنجي پارٽي به ان جي مخالفت ڪئي آهي. مون کي پهريان ته يقين نه آيو ته اهڙي بيان جي حمايت ڪيئن ٿي سگهي ٿي!، پر پوءِ مون کي ياد آيو ته هي اهو شخص آهي، جنهن کي جڏهن اقتدار ڏنو ويو ته سموري سياسي قيادت کي جيلن ۾ وڌو ويو ۽ سنڌ جي قيادت خلاف جيڪو بھ ڳالھھ ڪندو ھو سندس تائيد ڪندو ھو، اھڙي شخص بابت مان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگھجي.
سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ اسيمبليءَ قرارداد صوبي جي عوام جي راءِ جي ترجماني آھي. سنڌ اسيمبليءَ ان کان پھرين بھ پاڻيءَ جي سنھ 1991ع واري معاھدي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ڪيتريون ئي رٿون منظور ڪيون آھن. ويھھ ورھيھ اڳ جڏھن اسان مخالف ڌر ۾ ھئاسين تڏھن بھ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير خلاف پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ئي اسيمبليءَ مان رٿ منظور ڪرائي ھئي ۽ ھاڻي بھ عوام جي راءِ مطابق موقف اختيار ڪيو ويندو.
وڏي وزير چيو تھ ھن ڀيري معمول کان وڌيڪ مينھن وسيو آھي. سنڌ ۾ کيرٿر جابلو سلسلي مان پڻ پاڻي وھي آيو، جنھن سان روڊن کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي، سرڪاري طريقيڪار مطابق نقصان جو اندازو لڳائڻ وارو ڪم شروع ٿي چڪو آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب جو فنڊن جي فراھميءَ لاءِ لکيل خط مليو آھي، سنڌ حڪومت اھي فنڊ مھيا ڪندي. وڏي وزير نشاندھي ڪئي تھ ناقص نيڪاليءَ واري نظام جي موجودگيءَ ۾ روڊ ٻيھر بڻائڻ جو ڪو فائدو ناھي تنھن ھوندي بھ اسان ڄاڻون ٿا تھ سموري ڊرينج سسٽم کي ٻيھر بڻائڻ لاءِ وقت ۽ سيڙپڪاري ٻنھي جي تمام گھڻي گھرج آھي. ھاڻوڪي معاشي صورتحال سبب اسان وٽ ايتري گنجائش ناھي پر روڊ کي اھڙي خراب صورتحال ۾ ڦن ڇڏي نٿو سگھجي ۽ ان حوالي سان رٿابندي جاري آھي.
انھيءَ کان پھرين وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي مزار قائد پھچڻ تي ڪابينا جي ميمبرن سندس آجيان ڪئي. ھن گورنر سنڌ محمد ڪامران ٽيسوري سان گڏ باني پاڪستان محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڏني، گلن جي چادر چاڙھي ۽ فاتحھ خواني ڪئي ۽ مھمانن جي ڪتاب ۾ سندس تاثر درج ڪيا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے