دسمبر 1, 2024


حيدرآباد سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿيڻ واري وفاقي حڪومت جي ڳالهه بي بنياد ۽ ڪوڙي آهي، 91 اڪارڊ موجب ڊيلٽا کي گهرج موجب پاڻي نٿو ملي جنهنڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. جنهن ۾ ضلعي ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي ڪنارن وارا ڪيترائي ڳوٺ شامل آهن. سنڌ جا هزارين ماڻهو بي زمين، ٻي گهر ۽ دربدر ٿيا آهن. اهو سلسلو تيزي سان جاري آهي. وفاقي سرڪار ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري نوان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهڻ چاهي ٿي. سنڌ جي حصي جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي اڳ ۾ ئي پنجاب جا حڪمران زبردستي کڻي ويا آهن. مٿان وري ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ نوان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي سنڌ کي مڪمل طور تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌپنجاب پاڻي ورهاست واري معاملي تي عالمي سطح جي پاڻي ۽ ماحولياتي ماهرن جي جاچ ٽيم جوڙڻ لاءِ وفاق ۽ سنڌ سرڪار گڏيل قومن کي خط لکن. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ حسين سومرو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته پنجاب جا حڪمران جبر ۽ مڪر وسيلي سنڌو درياءَ تي مڪمل قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. پيپلز پارٽي سنڌ جي زمينن جيان درياءُ به وڪرو ڪري رهي آهي. هنن چيو ته دنيا ۾ دريائن کي زنده جيوت قرار ڏئي دريائن جي قدرتي وهڪرن کي بحال رکيو ويو آهي، آمريڪا پنهنجا 2200 ڊيم ضايع ڪري قدرتي وهڪرا بحال ڪري رهيو آهي پر پاڪستان ۾ ملڪ تي قابض ڪجهه خاندانن کي فائدو پهچائڻ لاءِ سنڌو درياءَ کي قتل ڪيو پيو وڃي. هڪ جنرل اڳ ۾ به سنڌ جون ٽي نديون هندستان کي وڪڻي آيو ۽ هاڻي به سنڌو نديء جو پاڻي غيرملڪي سرمائيدارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نواز ليگ سرڪار ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪوڙي پروپيگينڊا تي اربين روپيا خرچ ڪري آهي. وفاقي وزير مصدق ملڪ سينيٽ ۾ ڪوڙو بيان ڏيندي چيو ته سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڊيلٽا کي ڪيترو پاڻي گهرجي، ان جي سروي ئي ناهي ٿي، سروي جا پئسا به واپڊا هڙپ ڪري وئي آهي. وفاقي سرڪار ڊيلٽا جي پاڻي گهرج جي سروي ڪرائڻ ئي نٿي چاهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے