غريب مالوندن جي خدمت جو جذبو کڻي آفيسرن ۽ ڊاڪٽرن کي پنهنجون خدمتون صرف ڪرڻ گهرجن، سيد نجمي عالم
ڪراچي فشريز، لائيو اسٽاڪ بابت صوبائي صلاحڪار سيد نجمي عالم چيو آهي ته سنڌ جي غريب مالوندن جي خدمت جو جذبو کڻي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، ان لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسرن ۽ ڊاڪٽرن کي پنهنجون خدمتون انهن لاءِ صرف ڪرڻ گهرجن. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم اڱاري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ سڄي سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ مقرر لائيو اسٽاڪ اينيمل هيسبنڊري سان لاڳاپيل ڊپٽي ڊائريڪٽرن سان ڪارپيٽ ويڪسين جي باري ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جي هر ضلعي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صوبائي صلاحڪار کي پنهنجي ضلعي اندر ويڪسين، هاسپٽل اسٽرڪچر ۽ گذريل برساتن ۾ لڳل رين ايمرجنسي ڪئمپن اندر سنڌ جي مالوند ماڻهن کي مختلف بيمارين کان بچاءَ لاءِ لڳايل ويڪسين بابت بريف ڪيو. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار سڀني ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي گهرجن سميت وٽنري اسپتالن جي عمارتن ۽ سولر جي تنصيبات لڳائڻ وارين رٿائن بابت پنهنجيون تجويزون لکي موڪلين جيئن اسان لائيواسٽاڪ کاتي اندر ايندڙ نون منصوبن مان کين اهي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺون. صوبائي صلاحڪار چيو ته اسان کي 20 جانور رکندڙ سنڌ جي مالوندن جي فارمن جي رجسٽريشن جو ڪم ڪرڻو آهي جيئن اسان سندن جانورن جي خدمت ڪري سگهون. هن چيو ته سنڌ جي مالوندن کي مال جي چاري بابت به هڪ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان کير ۽ گوشت ۾ واڌارو ٿئي.