دسمبر 2, 2024


صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه جو آئي اي اي اي پي نمائش لاءِ سهڪار جو اعلان
ڪراچي؛صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽريڪل اينڊ اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ پاڪستان جي تحت منعقد ٿيندڙ IEEEP نمائش پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ ترقي جي رفتار کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ صارفين کي سستي بجلي جي فراهمي کي ممڪن بڻائي صنعتي ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٽن ڏينهن واري نمائش ۽ ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته نمائش ۽ ڪانفرنس ماهرن، اسٽيڪ هولڊرن، صنعت ۽ حڪومت وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. انرجي کاتو حڪومت سنڌ، صوبائي سيڙپڪاري، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت هن نمائش جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد ۽ سهڪار فراهم ڪندي. هن چيو ته ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومت توانائي شعبي جي ترقي ۽ ڪاروباري ادارن سان حڪومت جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته هن نمائش دوران صوبائي توانائي کاتو ملڪي ۽ غير ملڪي وفدن جي مدد لاءِ موجود هوندو ۽ توانائي کاتي جي اسٽالن ذريعي سنڌ جي ڳوٺاڻن ۽ شهري منصوبن بابت آگاهي پڻ ڏني ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي معاشي ترقي ۽ عوام جي زندگي جي بهتري لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏئي رهي آهي. هن نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي سنڌ حڪومت سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سيڙپڪاري جون تجويزون پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني. صوبائي وزير نمائش جي انعقاد تي آرگنائيزر بدر ايڪسپو سلوشنز جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ گذريل ڪيترن سالن کان ملڪ جي صلاحيت کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ تي بدر ايڪسپو کي خراج تحسين پيش ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زبير موتي والا چيو ته آءِ اي اي اي پي نمائش پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ اڄ هي نمائش ترقي جي عمل کي تيز ڪرڻ سان گڏ جدت جو مکيه پليٽ فارم بڻجي ويو آهي. هن چيو ته IEEEP نمائش اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪس ۽ لاڳاپيل شعبن جي وسيع پهلوئن کي اجاڳر ڪري ٿي. نمائش انهن ڪمپنين لاءِ هڪ متحرڪ پليٽ فارم بڻجي چڪي آهي جيڪي خطي ۾ شراڪتداري، جدت ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهن. هن نمائش ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين جي وڏي پيماني تي شرڪت کي ساراهيندي ان کي ميڪ ان پاڪستان مهم کي موثر بڻائڻ ۾ مددگار قرار ڏنو. هن چيو ته هي نمائش پاڪستان ۾ تيار ڪيل مصنوعات ۽ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيندي جيڪا درآمدات جي متبادل ذريعي مقامي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. بدر ايڪسپو سلوشنز جي چيف ايگزيڪيوٽو ظهير نصير چيو ته ان تقريب جو مقصد مقامي نمائش ڪندڙن کي مدد فراهم ڪرڻ آهي جيڪي ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي خواهشمند ڪمپنين کي موقعا فراهم ڪندا ته جيئن اهي پنهنجون پروڊڪٽس ۽ خدمتون عالمي سطح تي متعارف ڪرايون. نمائش ۾ 285 کان وڌيڪ ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن جن ۾ 35 کان وڌيڪ پرڏيهي ڪمپنيون به شامل آهن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے