دسمبر 1, 2024


سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ھڪ صوبي جي وڏي وزير جي گفتگو ۾ عورتن خلاف نازيبا لفظن جو استعمال، صحافين کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ملڪي ادارن خلاف ڳالھ ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آھي، اھو گنداپور جو ڏوھھ ناھي، پر ان جي تربيت ڪندڙ ۽ سندس پارٽي جي سربراھھ جي ڏوھھ آھي، جنھن جي پنھنجي سوچ ۽ تاريخ اھڙي رھي آھي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ان پارٽي جي تاريخ ڏٺي وڃي تھ اُن پارٽي بدقسمتي سان ھن ملڪن ۾ سياست کي تمام گھڻو گدلو ڪيو ۽ تباھي جي ڪنڌيءَ تي پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي، اُن کان اڳ بھ اسان جا سياسي اختلاف ھوندا ھُئا، سياسي لڙايون ٿينديون ھُيون، پر اُن پاارٽي جي سربراھھ ملڪ ۾ اھڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو جو سياسي اختلاف دشمني ۾ تبديل ٿي ويا، ڪارڪنن جي اھا تربيت ڪئي ويندي ھُئي تھ جيڪو جيتري گھڻي گارگند يا بدتميز يڪندو اُن کي اوتري وڏي وزارت ۽ عھدو ملي ويندو.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي آفتاب شعبان ميراڻي، سيد قائم علي شاھھ، سيد عبداللھ شاھھ، سيد مراد علي شاھھ جھڙا وڏا وزير ڏنا، پي ٽي آءِ پنجاب ۾ بزدار جھڙو وزير اعليٰ ڏنو ۽ ٻيو ڪي پي ڪي ۾ علي امين گنڊاپور جھڙو وڏو وزير ڏنو، جنھن تنظيم جي ليڊر جي پسند اھا ھُجي تھ جيڪو سڀني کان وڌيڪ گاريون ڏيندو ۽ بدتميزي ڪندو اھو سندس فيورٽ ھوندو تھ اھا ڳالھھ سندس ذھنيت جي عڪاسي ڪري ٿي.
ھن چيو تھ عمران خنا جي دور ۾ ھڪ عورت سان زيادتي ٿي، جنھن تي ٽي ۾ وزير اعظم طور انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ھو تھ عورتون اھڙا ڪپڙا ڇو ٿيون پائن جنھن جي ڪري اھڙي قسم جا واقعا ٿين، شرم وچان ٻڏي مرڻ جو مقام آھي جو ھڪ وزير اعظم جيڪو ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي لڄ رکڻ جو ذميوار آھي، اھو زيادتي جو شڪار ٿيل عورت جي لباس کي ساڻس زيادتي جو ذميوار قرار ڏئي، اوھان سمجھي سگھو ٿا تھ ھي ذھني طور تي ڪيترا ٺيڪ ماڻھو آھن؟
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل پي ٽي آءِ جا ماڻھو گنڊاپور جي بيان جي حمايت ڪري رھيا آھن، پر کين پتو ئي ناھي تھ سندن ليڊر چيئرمين بئرسٽر گوھر ۽ عمر ايوب صحافين کان معافيون گھري رھيا آھن، ھڪ پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوھر صحافين کان معافيون گھري رھيو آھي ٻئي وري جيل ۾ ويٺل پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جو چوڻ آھي تھ ھُو گنڊاپور جي بيان جي حمايت ڪري ٿو، ھي اُن کان بھ وڌيڪ ٻڏي مرڻ جو مقام آھي.
ھن چيو تھ عمران خان ھڪ سال بھ جيل نھ ڪاٽي، اسان جي صدر آصف علي زرداري 12 ورھيھ جيل ۾ گذاريا، شھيد بي بي، مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو جيل جون اذيتون ڀوڳيون، اسان جي قائد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي دار تي لٽڪائي سندس عدالتي قتل ڪيو ويو، اسان ڪڏھن بھ ملڪ خلاف سازشن جي ڳالھھ نھ ڪئي، نھ ئي وري ڪڏھن ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پي ٽي آءِ 2018 ۾ ڪوڙي مينڊيٽ سان ايوانن ۾ آئي، پي ٽي آءِ ڇاھي ٿي تھ ھر ڪوئي کين ھنج ۾ ويھاري اقتدار ڏئي پر اھو نھ ٿو ٿي سگھي، اوھان اڳي بھ نااھل ھُيئو، اڄ بھ آھيو ۽ سڄي ڄمار رھندئو، ڇاڪاڻ تھ اوھان ماڻھن ۾ سياسي شعور ناھي نھ ئي وري اوھان سياسي ماڻھو آھي.
ھن چيو تھ ٽائمز آف اسرائيل ۾ عمران خنا جي حمايت ۾ مضمون ڇپيو آھي، ڊاڪٽر اسرار احمد صديقي جھڙي اسڪالر اڄ کان 25 سال اڳ ۾ چيو ھو تھ عمران خان کي ھڪ وڏي سازش تحت پاڪستان ۾ لانچ ڪيو ويندو، ڇا ڊاڪٽر اسرار احمد صديقي ڪنھن جي چوڻ تي ايئن چيو ھو، اسان جي قومي ھيرو عبدالستار ايڌي چيو تھ عمران خان حميد گل سان گڏ مون وٽ آيو ۽ چيائين تھ اسان کي محترمھ جي حڪومت ڪيرائڻي آھي، اوھان اسان جو ساٿ ڏيو.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھو وڏي ۽ ڪڌي سازش ھُئي جو عمران خان کي ھن ملڪ ۽ عوام تي مڙھيو ويو، اڄ ھن ملڪ جو جيڪو حشر آھي اُن جو اھو شخص وڏو ذميوار آھي جيڪو ھن ملڪ ٿي مڙھيو ويو ھو.
ھن چيو تھ مقبوليت جو مطلب اھو ناھي تھ ملڪ تي ايٽم بم ڪيرايو وڃي، يا آءِ ايم ايف کي امداد ڏيڻ کان روڪيو وڃي، مقبوليت جو مطلب اھو ناھي تھ اوھان 9 مئي جھڙن سانحن ۾ ملوث ھُجو، جڏھن ڪيپيٽل ھل تي ڪاھھ ڪندڙن کي سزا ملي سگھي ٿي تھ پوءِ ڇا اوھان آسمان تان لٿل ماڻھو آھيو؟

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے