جنوری 29, 2026

سکر ۾ خصوصي ادارن جي ٻارن جو ٻن ڏينھن تي ٻڌل ٽيلنٽ هنٽ ايڪسپو 2026ع منعقد

سکر گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبيليٽيشن سينٽر فار وي آءِ سي سکر جي اھتمام ھيٺ ٻن ڏينھن وارو ٽيلنٽ هنٽ ايڪسپو 2026ع منعقد ڪيو ويو، جنھن جو افتتاح ميئر سکر ۽ ترجمان سنڌ حڪومت بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ ڪيو.

نمائش جي افتتاح بعد ميئر سکر ۽ ترجمان سنڌ حڪومت بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ خصوصي ٻارن جي سمورن اسٽالز جو دورو ڪري ٻارن جي صلاحيتن ۽ سندن استادن جي محنت جي واکاڻ ڪئي. انھيءَ موقعي تي ميئر سکر، سکر ريجن جي خصوصي ٻارن جي سير و تفريح لاءِ مفت ٽرانسپورٽيشن آڇيندي سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران 10 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ميئر سکر و ترجمان سنڌ حڪومت چيو تہ وزير اعليٰ سنڌ پاران ڏنل 15 ڪروڙ روپين جي گرانٽ سان وي آءِ سي بئراج ڪالوني ھينئر ھڪ خوبصورت ادارو بڻجي چڪو آهي، اھڙن ادارن لاءِ وڌيڪ سرڪاري تعاون حاصل ڪيو ويندو. ميئر سکر وڌيڪ چيو تہ خصوصي ٻارن جي مسڪراھٽ ڏسي ڪري سندس سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ دور ٿي چڪي آهي. ھن انھيءَ موقعي تي معاشري جي صاحب استطاعت ماڻھن کان پڻ اپيل ڪئي آهي تہ اھي پڻ سرڪاري ڪوششن سان گڏوگڏ خصوصي ٻارن جي بحالي ۽ سھولتن لاءِ اڳيان اچن، ايئن ڪرڻ سان دنيا ۽ آخرت ۾ کين اجر حاصل ٿيندو. ھن چيو تہ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ھيٺ عوام کي ڀرپور سھولتون ڏيڻ جو عزم رکون ٿا. انھيءَ موقعي تي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ۾ ترجمان سنڌ حڪومت ڪراچي جي گل پلازہ سانحي تي گھري رنج ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو تہ تہ وزير اعليٰ سنڌ گل پلازه سانحي جي شهيدن جي ڪٽنبن لاءِ ھڪ ھڪ ڪروڙ روپيا، متاثر ٿيل واپارين لاءِ 5-5 لک روپيا، جڏهن تہ واپارين جي واپاري سرگرمين جي بحالي لاءِ قرضن ۽ نيشنل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

نمائش ۾ ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبلٽيز (ڊي اي پي ڊي) سکر ريجن جي ڊائريڪٽر عبدالقدوس ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر نور ڪاشف سومرو جي نگراني ۾ سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن جي اٺن مرڪزن جي خصوصي ٻارڙن مختلف اسٽالز لڳائي پنھنجي صلاحيتن جو مظاھرو پيش ڪيو، نمائش ۾ نابينا، ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ جي صلاحيتن کان محروم توڙي معذور مرڪزن جي ٻارن مختلف تخليقي ۽ ٽيڪنيڪل شين تي ٻڌل اسٽال لڳايا، جتي دستڪاري جي شين ۽ خوبصورت پينٽنگز سان گڏوگڏ خصوصي ٻارن جو مخصوص سليبس پڻ نمائش جو حصو رھيو. انھيءَ موقعي تي نابينا ٻارن موسيقي جي دلڪش پرفارمنس سان حاضرين کي محظوظ ڪيو ۽ داد حاصل ڪئي.

نمائش جي پھرين ڏينھن اسسٽنٽ ڪمشنر سکر سٽي سارہ فراز، سماجي شخصيت شائستہ کوسو، ڊائريڪٽر سويٽ هوم سکر شبير ميمڻ، انچارج سکر بلڊ بينڪ عبدالجبار شيخ، ڊاڪٽر منصور ۽ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. خصوصي ٻارن جي منعقد ڪيل نمائش ۾ بيگم نصرت ڀٽو يونيورسٽي، اروڙ يونيورسٽي، سکر آءِ بي اي ۽ ضياء الدين ميڊيڪل يونيورسٽين جي شاگردياڻين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ نمائش ۾ خصوصي ٻارن جي ماڊلز سان گڏ آرگينڪ مصنوعات جي ھڪ مقامي هوم ڊيلر عورت جي تيار ڪيل صابڻ، شيمپو ۽ ٻين مصنوعات جي اسٽال توڙي مقامي گلوڪارن جي بينڊ جي ميوزيڪل پرفارمنس ۾ پڻ دلچسپي جو اظھار ڏيکاريو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے