جنوری 29, 2026

سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. دوري دوران عملدارن کيس منصوبي جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو به ساڻس گڏ هئا. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ منصوبي جي وقت سر تڪميل ۽ معيار برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪراچي جي شهرين لاءِ جديد ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبا آندا وڃن، جنهن جو هي شهر حقدار آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جو مڪمل ڌيان ڪراچي جي ترقي تي آهي، ڇاڪاڻ ⁠تہ هي شهر پاڪستان جو معاشي حب آهي ۽ انهيءَ سبب هميشه نشانو بڻجندو رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ سڀ کان بهترين منصوبو، شاهراهه ڀٽو، مڪمل ڪيو آهي، جيڪو هڪ اسٽيٽ آف دي آرٽ روڊ ۽ شهر لاءِ اهم گيٽ وي آهي. هن منصوبي جا ٻه مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن، جڏهن ⁠تہ ٽيون فيز به جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته تازو ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ تاج حيدر پل مڪمل ڪري عوام لاءِ کوليو آهي، جڏهن ⁠تہ وزيراعليٰ سنڌ ڪورنگي ڪاز وي پل جو افتتاح ڪيو آهي، جيڪو جديد معيار موجب تعمير ڪيو ويو آهي. انهن منصوبن سان ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۽ ڀرپاسي وارا علائقا فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ عوام روڊن ۽ پلن جي معيار کي ساراهي رهيو آهي. ريڊ لائين بي آر ٽي جي ترقياتي ڪمن جي جائزي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهي سڀ منصوبا ڪراچي جي مجموعي ترقي لاءِ آهن ۽ شهر ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري جو عمل جاري آهي. هن ٻڌايو ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب شهر جو دورو ڪري روڊن جي بهتري تي ڪم ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ⁠تہ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ڪي ايم سي گڏيل طور جاري ترقياتي ۽ مرمتي ڪمن جي نگراني ڪري رهيا آهن ته جيئن شهرين کي بهتر سهولتون مهيا ڪري سگهجن. هن چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي اهو منصوبو هو، جنهن تي ماضي ۾ تنقيد ڪئي ويندي رهي، پر پراڻن تعميراتي ڪمن کي مضبوط ڪرڻ بعد نئين سر ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي. سندس مطابق ڪراچي يونيورسٽي روڊ ۽ ان سان لاڳاپيل رستا اڳ جي ڀيٽ ۾ نمايان طور بهتر ٿي چڪا آهن. حڪومت جي ڪوشش آهي ته مارچ تائين يونيورسٽي روڊ تي مرڪزي راهدارِي عام ٽريفڪ لاءِ کولجي، جڏهن ⁠تہ باقي منصوبي تي پلن، انڊر پاسن ۽ يوٽرنز سميت ٻيا ڪم جاري رهندا. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ترقياتي ڪم ڏينهن رات جاري آهن ۽ ٽرانس ڪراچي جو سي اي او ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ روزاني بنياد تي معائنو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هو پاڻ به اوچتا دورا ڪري ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندا ۽ جتي به ڪا رڪاوٽ سامهون ايندي، اتي فوري ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ريڊ لائين سان گڏ يلو لائين بي آر ٽي تي به ڪم جاري آهي ۽ ٻنهي لائينن جي تڪميل بعد شهرين کي سفري سهولتن ۾ نمايان بهتري ايندي. سندس چوڻ موجب ڪراچي جهڙي ڳتيل آباد واري شهر ۾ وڏن ترقياتي منصوبن دوران عارضي تڪليفون لازمي هونديون آهن، پر حڪومت شهرين جي تڪليفن کان آگاهه آهي ۽ ان بابت معذرت خواه به آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائين جهڙا منصوبا مستقبل کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيا پيا وڃن ته جيئن ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽجي ۽ شهرين کي محفوظ ۽ آرامده سفر جون سهولتون مهيا ٿين. هن واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت جا اربين رپين جا اهي منصوبا ڪراچي جي عوام لاءِ آهن ۽ انهن جو مقصد شهر کي هڪ مضبوط معاشي ۽ سفري مرڪز بڻائڻ آهي. سندس مطابق سنڌ حڪومت جي بجيٽ جو وڏو حصو ڪراچي ۾ خرچ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ⁠تہ شهر جون اسپتالون نه رڳو ڪراچي پر پوري سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين حصن مان ايندڙ مريضن جو علاج ڪري رهيا آهن. گل پلازا سانحي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي سربراهي ۾ ڪابينا جي پنج ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته اهو هڪ وڏو سانحو آهي ۽ حڪومت متاثر خاندانن جي ڏک کي سمجهي ٿي. رپورٽ ملڻ کان پوءِ ان جي روشني ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے