جنوری 29, 2026

سيڪريٽري ڪالج ايجوڪيشن سنڌ نديم الرحمان ميمڻ جو ڪالجن کي نقصان پهچائيندڙ ٺيڪيدارن ۽ انجنيئرن خلاف ڪارروائي جو اعلان؛ ناقص تعميرات سان سرڪاري خزاني ۽ انساني جانين کي نقصان پهچائيندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو
36 عورتون ۽ 44 مرد استاد مفرور، بريفنگ تي سيڪريٽري نديم ميمڻ جو سمورن مفرور آفيسرن ۽ استادن خلاف ڪارروائي جو حڪم؛ شوڪاز جاري ڪريو ۽ فارغ ڪريو

ڪراچي سيڪريٽري ڪالج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ نديم الرحمان ميمڻ پوري صوبي ۾ ڪالجن جي انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچائيندڙ سمورن ٺيڪيدارن ۽ غفلت ڪندڙ انجنيئرن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ناقص تعميرات، دير ۽ غير معياري مٽيريل جي استعمال سان سرڪاري خزاني ۽ انساني جانين کي خطري ۾ وجهندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. سڀني کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو، انڪوائري ٿيندي ۽ سزا ملندي. سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ سمورن غير حاضر ۽ مفرور آفيسرن توڙي استادن خلاف به فوري قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. اهي فيصلا ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيا ويا، جنهن جي صدارت سيڪريٽري ڪالج ايجوڪيشن نديم الرحمان ميمڻ ڪئي. اجلاس ۾ اسپيشل سيڪريٽري فرخ قريشي، ايڊيشنل سيڪريٽري مختيار ملاح، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز پروفيسر مير چند اوڏ، سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن، چيف انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز، ۽ ڊائريڪٽر ڊيولپمينٽ سميت ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪجهه آفيسرن آن لائن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن کي بريفنگ ڏني وئي ته 36 عورتون ۽ 44 مرد استاد توڙي ملازم هڪ عرصي کان غير حاضر آهن. جنهن تي سيڪريٽري هدايت ڪئي ته سمورن غير حاضر ملازمن کي فوري طور شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن. 18 هين گريڊ جي آفيسرن جا ڪيس چيف سيڪريٽري ڏانهن موڪليا وڃن ۽ اخبار ۾ اشتهار ڏئي حتمي ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ مانيٽرنگ اينڊ انسپيڪشن ونگ کي گڏ ڪري هڪ بااثر ۽ خودمختيار مانيٽرنگ اينڊ ايويلوئيشن ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪيو ويندو ته جيئن ڪاليجن ۾ استادن ۽ شاگردن جي حاضري، انفراسٽرڪچر ۽ تعليمي معيار جي باقاعده نگراني ٿي سگهي. جڏهن ته ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ ايويلوئيشن جي خالي اسامي فوري طور ڀرڻ ۽ آفيس حيدرآباد ۾ قائم ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو. سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن هدايت ڪئي ته ڪاليجز انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ يونٽ (CIDU) جي قيام لاءِ فوري طور هڪ جامع ڪانسيپٽ پيپر تيار ڪيو وڃي، جيڪو سالياني ترقياتي پروگرام 2026-27 جو حصو هوندو. سمورن ترقياتي اسڪيمن تي عملدرآمد ڪنسلٽنٽ فرمز ذريعي ڪيو ويندو، جڏهن ته نيشنل ۽ انٽرنيشنل ٽينڊرنگ تحت ڪنسلٽنٽس جي مقرري کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ڪاليجن ۾ پرنسپالن جي موجودگي ۽ وقت سر مقرري، ڪيئر ڪائونسلنگ پروگرام جي شروعات، هر سال ٻه ڀيرا سيمينارن کي منعقد ڪرڻ، نالي وارن ماهرن، بيوروڪريٽس، پروفيسرن ۽ تعليمي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ، شاگردن لاءِ عملي ۽ انٽرايڪٽو سيشنز منعقد ڪرڻ، ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن لاءِ "ايچ ون ٽيچ ون” حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن نديم الرحمان ميمڻ چيو ته ڪالج ايجوڪيشن کاتو هڪ پاليسي ساز ادارو آهي، ان ڪري عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. مانيٽرنگ نظام کي اثرائتو بڻائي تعليمي معيار بهتر ڪيو ويندو. ڪاليجن ۾ موبائيل فون جي غير ضروري استعمال تي پابندي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي پنهنجون ذميواريون چٽي نموني ادا ڪن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قسم جي غفلت تي بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے