ڪراچي جي عوام لاءِ 65 سالن کانپوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڊبل ڊيڪر بسن جي شروعات ڪئي وئي آھي، سنڌ جي سينئر وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ ۽ مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس جو افتتاح ڪيو.
افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ سنڌ حڪومت عوام سان واعدو ڪيو ھو تہ ڊسمبر 2025 ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ڪرراچي جي روڊن تي ھونديون ۽ اڄ 31 ڊسمبر تي اِھو واعدو پورو ٿي ويو آھي. ھُن سڄي پاڪستانن کي نئين سال جي اڳواٽ مبارڪباد ڏيندي چيو تہ سنڌ حڪومت جي ڪوشش آھي تہ نئين سال ۾ ٽرانسپورٽ جي وڌ کان وڌ سھولتون سڄي سنڌ جي عوام کي فراھم ڪيون وڃن. ڪراچي کان اھڙي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آھي.
ھن ٻڌايو تہ اڄ ڊبل ڊيڪر بسن جي تجرباتي سروس شروع ڪئي وئي آھي ۽ سڀاڻي کان عوام باضابطہ طور انھن بسن ۾ سفر ڪري سگھندو. وزيراعليٰ سنڌ جي ھدايت تي حڪومت جو ھدف آھي تہ 2026 ۾ ڪراچي جي وڌ کان وڌ روڊن تي ڊبل ڊيڪر بسون ھلايون وڃن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ اِي وي بسن جا نوان روٽس ايندڙ ھفتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ شروع ڪيا پيا وڃن. پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جي ھدايتن مطابق ٽرانسپورٽ کي عوام جي بنيادي ضرورت سمجھندي اھڙا منصوبا متعارف ڪررايا پيا وڃن جن سان عام ماڻھو کي حقيقي لاڀ پھچي. ايئرڪنڊيشنڊ بسون، گھٽ ڀاڙي واريون سروسز ۽ ھر مسافر لاءِ ڀاڙي ۾ سبسڊي فراھم ڪرڻ جو مقصد اِھو ئي آھي تہ عوام کي سھولتون ڏيئي سگھجن.
ھن چيو تھ ھن وقت پيپلز بس سروس ذريعي روزانو سوا لک ماڻھو سفر ڪري رھيا آھن جڏھن تہ اوريننج لائينن ۽ گرين لائين بي آر ٽي مان اٽڪل 75 ھزار مسافر فائدو حاصل ڪري رھيا آھن. انھن سروسز کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سان روزناو ھڪ لک تائين ماڻھن کي فائدو پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تہ مختلف روٽس تي روزانو جي بنياد تي سھولتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومت جو ھدف آھي تہ سنڌ جي ھر ضلعي ۽ ھر وڏي روڊ تي بس سروس متعارف ڪرائي وڃي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ ھُن چيو تہ مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ، ميئر ڪراچي سان گڏجي ڪراچي لاءِ وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رھيا آھن. سنڌ ڪابينا ڪراچي جي صنعتي علائقن جي رستن لاءِ 9 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي آھي. شاھراھ ڀٽو، لنڪ روڊ، ريڊ لائين بي آر ٽي، ييلو لائين بي آر ٽي سميت ڪيترائي ميگا پروجيٽڪس مارچ 2026 تائين مڪمل ٿيڻ وارا آھن. روڊن جي بھتري ھڪ وڏو چئلينج آھي، تنھن ھوندي بہ وزيراعليٰ سنڌ جي خاص ڌيان سان ان تي تيزيءَ سان ڪم جاري آھي.
تقريب ۾ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان مراد ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مصطفيٰ عبداللھ ببلوچ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪنول نظام ڀٽو، پيپلز بس سروس جي سي اي او صھيب شفيق، آپريشنل مينيجر عبدالشڪور ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود ھئا.
