ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار _ ڪراچي انتظاميا پاران ڪارو ڏينهن ملھايو ويندوـ ريلي سومر جي صبح ڏهين بجي ڪڍي ويندي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه قيادت ڪندو.
ڪراچي: ڪراچي ۾ سومر، 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف ‘ڪارو ڏينهن ‘ (Black Day) ملهايو ويندو. ان موقعي تي، ڪراچي انتظاميا ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪاري ڏينهن جي موقعي ريلي ڪڍڻ جو انتظام ڪيو آهي. ريلي جي قيادت صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ڪندو، جڏهن ته ريلي ۾ سنڌ حڪومت جا وزير، سيڪريٽريز، سرڪاري کاتن جا آفيسر، عملدار ۽ مختلف شعبن جون نامياريون شخصيتون شرڪت ڪنديون. ڪشميرين جي حقن لاء ڪارو ڏينهن ملھايو ويندو ۽ يڪجهتي ريلي پيپلز سيڪريٽريٽ کان صبح 10 وڳي شروع ٿيندي ۽ باب امام گيٽ، مزار قائد اعظم تي پڄاڻي تي پهچندي.
