اکتوبر 26, 2025

اسلام آباد سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ قائم 10 امتحاني مرڪزن ۾ 32 هزار 531 کان وڌيڪ اميدوارن شرڪت ڪئي

ڪراچي،

چيئف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سنڌ صوبي ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي ڪامياب ۽ شفاف طريقي سان انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سکر آءِ بي اي جي نگراني هيٺ ٿيل امتحان جي انتظامن جي واکاڻ ڪئي. چيئف سيڪريٽري ٻڌايو ته امتحان دوران مڪمل شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽن سطحن تي مشتمل ويجيلينس نظام قائم ڪيو ويو هو. هر امتحاني مرڪز لاءِ سکر آءِ بي اي، صحت کاتو، ۽ ضلعي انتظاميه تي مشتمل ٽي الڳ ٽيمون جوڙيون ويون.

ان کان علاوه، چيئف سيڪريٽري آفيس طرفان به 10 ويجيلينس ڪميٽيون جوڙيون ويون، جن اسلام آباد سميت سڀني امتحاني مرڪزن ۾ انتظامن جي نگراني ڪئي ۽ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو. ايم ڊي ڪيٽ ۾ 32 هزار 531 کان وڌيڪ اميدوارن شرڪت ڪئي. امتحان لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 10 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا، جن ۾ اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڄامشورو، سکر، جيڪب آباد، ميرپورخاص، ۽ شهيد بينظير آباد شامل آهن.

چيئف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ايم ڊي ڪيٽ جي ڪامياب انعقاد تي سکر آءِ بي اي، ضلعي انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ترجيح هميشه شفافيت ۽ ميرٽ رهي آهي، ۽ ايم ڊي ڪيٽ جي ڪامياب انعقاد ان عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. چيئف سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته اميدوارن، والدين، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي به امتحان جي شفاف انتظامن جي واکاڻ ڪئي وئي، جيڪا سنڌ حڪومت تي عوام جي اعتماد جو ثبوت آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے