ميئر سکر ۽ ترجمان سنڌ حڪومت بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ 140 ڪامياب بون ميرو ٽرانسپلانٽ مڪمل ٿيڻ تي اداري، ڊاڪٽرن ۽ سموري عملي کي دل جي گهراين سان خراجِ تحسين پيش ڪئي۔
هن چيو ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ سنڌ جي عوامي خدمت جو روشن چهرو آهي، جتي انسانيت جي خدمت کي هميشه اوليت ڏني ويندي آهي۔ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مفت ۽ معياري علاج جو خواب هاڻي حقيقت بڻجي ويو آهي، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي نظرئي ۽ عوامي ڀلائي جي عزم جو ثبوت آهي۔
ميئر سکر چيو ته گمبٽ اسپتال صحت جي شعبي ۾ اصلاحات کي نئون رخ ڏنو آهي۔ وزيراعلیٰ سنڌ جي اڳواڻي ۾ صوبي ۾ صحت جو نظام تيزي سان بهتر ٿي رهيو آهي جڏھن ته عوام کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح پڻ آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جديد صحت جي ميدان ۾ ڪنهن کان به پوئتي ناهي۔ هتي ٿيل ڪامياب بون ميرو ٽرانسپلانٽ نه رڳو صوبي پر سڄي ملڪ لاءِ هڪ مثال آهن۔
بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته هر ضلعي ۾ گمبٽ جهڙا ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هر شهري کي بغير ڪنهن فرق جي علاج جون سهولتون حاصل ٿي سگهن۔ هي ڪاميابي عوام جي اعتماد، حڪومت جي نيڪ نيتي ۽ ڊاڪٽرن جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي۔
هن آخر ۾ چيو ته سنڌ حڪومت عوامي خدمت جي نئين تاريخ رقم ڪري رهي آهي ۽ گمبٽ اڄ سڄي ملڪ لاءِ هڪ رول ماڊل طور سامهون آيو آهي۔
