اکتوبر 26, 2025

سکر. ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي جي صدارت ھيٺ سنڌ حڪومت جي ھارين/ آبادگارن لاءِ ڪڻڪ پوکيو سپورٽ پروگرام- 2025ع، گذريل پوليو مھم جي جائزي سميت ٻيلي کاتي ۽ روينيو معاملن بابت ھڪ اھم ۽ گڏيل گڏجاڻي ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ٿي.
گڏجاڻي۾ ايڊيشنل ڪمشنر-ون محمد عامر انصاري، ايڊيشنل ڪمشنر-ٽو محمد حاجن، ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شھزاد، ڊپٽي ڪمشنر خيرپورميرس فياض حسين راھوجو، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي منظور احمد ڪنراڻي، ٽنھي ضلعن جا ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز، ڪنزرويٽر فاريسٽس سکر، ڊائريڪٽر زراعت سکر، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسرز، سکر ڊويزن جي سمورن تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنرز، سروي سپرنٽينڊنٽ سکر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي سنڌ حڪومت جي ڪڻڪ پوکيو سپورٽ پروگرام 2025ع، آڪٽوبر جي گذريل پوليو مھم جي جائزو وٺڻ سميت ٻيلن مان وڻن جي واڍي/ ڪٽائي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز جي روينيو معاملن بابت ايجنڊا جي نقطن تي بريفنگ ورتي. انھيءَ موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي چيو آھي تہ ھاري ڪارڊ اسڪيم کان علاوھ ويٽ گروور سپورٽ پروگرام 2025ع سنڌ حڪومت طرفان ھارين/ آبادگارن جي معاشي سڌاري، غذائي تحفظ ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ احسن قدم آھي، ڪمشنر سکر ڊپٽي ڪمشنرز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي ھدايت ڪئي تہ زراعت کاتي سان رابطي ۾ رھندي ويٽ گروئر سپورٽ پروگرام-2025ع لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي جلد اڪلايو وڃي، ڇا ڪاڻ تہ ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ زمينن جي تياريءَ جو مرحلو ھينئر جاري آهي. انھيءَ موقعي تي خيرپورميرس، گھوٽڪي ۽ سکر جي ڊپٽي ڪمشنرز ٻڌايو تہ ھن پروگرام لاءِ لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو تائين رجسٽريشن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آھي، جڏهن تہ باقي رھندڙ ڪم بہ 2 کان 4 ڏينھن اندر مڪمل ٿي ويندو. ڊائريڪٽر زراعت سکر ڪڻڪ پوکيو سپورٽ پروگرام-2025ع تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ سنڌ حڪومت جي ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ سپورٽ پروگرام تحت 1 کان 25 ايڪڙ زرعي ايراضي وارن ھارين/آبادگارن کي في ايڪڙ 1 ٻوري ڊي اي پي ۽ 2 ٻوريون يوريا ڀاڻ جي رقم نقد ڏني ويندي. ھن ٻڌايو تہ اھا سھولت رڳو ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ مخصوص ھوندي ۽ پروگرام جي شفافيت برقرار رکڻ لاءِ زراعت کاتي پاران زمين تي ڪڻڪ جي فصل جي تصديقي عمل بعد رجسٽرڊ آبادگارن کي رقم منتقل ٿيندي. آڪٽوبر پوليو مھم جائزو: گڏجاڻي ۾ اي سي W.H.O ڊاڪٽر جميل سکر ڊويزن ۾ ھلندڙ مھيني جي گذريل پوليو وئڪسينيشن مھم بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ مھم دوران سکر، گھوٽڪي ۽ خيرپور ٽنھي ضلعن ۾ سواءِ ٿورڙن انڪاري ڪيسز جي، باقي انڪاري ڪيسز، لاڏائو آبادي سميت سڀني ڪلسٽرز جي لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو ڪوريج حاصل ٿي آهي، ڊاڪٽر جميل وڌيڪ ٻڌايو تہ سکر جي ڊرينيج ايريا ماڪا پمپنگ اسٽيشن وٽان پوليو وائرس جا ماحولياتي نمونا مسلسل مثبت ملي رھيا آھن، جيڪا ھڪ ڳڻتي جوڳي ڳالھ ضرور آھي. انھيءَ موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي چيو تہ اھا چڱي ڳالھ آھي تہ مجموعي طور تي گذريل پوليو مھم جا نتيجا تسلي بخش مليا آھن پر بھتري جي گنجائش ضرور موجود آھي. ڪمشنر سکر ھدايت ڪئي تہ پوليو مھم جا اھي ذميوار توڙي پوليو ورڪرز جيڪي لڳاتار ڪوتاهين جا مرتڪب ٿي رھا ھجن، کانئن وڌيڪ ڪنھن اصلاح جي گنجائش نہ رکي وڃي، تنھنڪري اھڙن کي پوليو مھم جي ذميوارين مان نيڪالي ڏئي ڪري سندن جڳھ تي اھل ۽ قومي خدمت جي جذبي سان سرشار نوجوانن کي موقعو ڏنو وڃي، جنھن سان يقيني طور تي اڳ کان اڳرا نتيجا ملڻا آهن، ڪمشنر چيو تہ جزا ۽ سزا جي عمل تي ٻڌل ڪارروائي ٻين ذميوارن لاءِ ھڪ سبق الڳ پڻ ثابت ٿيڻي آهي. ڪمشنر سکر پوليو مھم دوران سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرز جي ڪردار خاصڪري اي سي نيو سکر وسيم مھر جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، ڇا ڪاڻ تہ نئون سکر کي پوليو جي حوالي سان ھڪ چئلينجنگ تعلقو قرار ڏنو پئي ويو. ٻيلو کاتو: ڪمشنر سکر ٻيلي کاتي جي آفيسرن سان ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو تہ وڻن جي واڍي/ڪٽائي جي واقعن جو رونما ٿيڻ معمول موجب جاري آھي، ھن ھدايت ڪئي تہ انھيءَ سلسلي ۾ پوليس، رينجرز ۽ علائقي جي معززين جو تعاون حاصل ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو تہ جديد سائنسي ترقي ۾ دنيا چنڊ کان بہ اڳتي الئہ ڪٿي وڃي پھچي چڪي آھي، تنھنڪري اوھان بہ گوگل ميپنگ ۽ ٻين ٽيڪنيڪل پھلوئن لاءِ آءِ ٽي جي ماھرن جون خدمتون حاصل ڪندي ٻيلي کاتي جي نگراني جي عمل جو ڪو مستقل حل ڳولھي وٺو، ھن انھيءَ سلسلي ۾ ٻيلي کاتي جي آفيسرن کي سکر آءِ بي اي ۽ اروڙ يونيورسٽين جي آءِ ٽي جي شعبن سان واڳيل ماھرن سان رابطي ۾ اچڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.
روينيو معاملا: سکر، خيرپورميرس ۽ گھوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرز جي اڳواڻي ۽ موجودگي ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرز ڪمشنر سکر ڊويزن کي پنھنجن تعلقن ۾ سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967ء تحت لينڊ روينيو ڪيسز، لينڊ ايڪيوزيشن ۽ اوارڊ پاس ڪرڻ، جولاءِ 2025ع کان ڍل جي وصولي ۽ سيل سرٽيفڪيٽ جي اجراءَ توڙي روينيو رڪارڊ ۾ داخلي، فوتي کاتي، حد دخلين، پيدائش سرٽيفڪيٽ، پوليو مھم، عوامي شڪايتن، سماجي خدمتن، تعليم ۽ راندين جي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ، وڻڪاري، پبلڪ پارڪس ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي طور تي بريفنگ ڏني.
ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي اسسٽنٽ ڪمشنرز جي ڪارڪردگي کي تسلي بخش قرار ڏيندي کين ھدايت ڪئي آھي تہ ھفتيوار ھڪ ڏھاڙو سماجي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڏيو، مختلف ڪميونٽي سيشنز منعقد ڪرڻ، خاصڪري سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي موجودھ ڊينگي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي صحت کاتي جي ذميدارن سان گڏجي ڪري اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊينگي کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ بابت آگاھي سيشنز منعقد ڪرڻ، شھرن جي نمايان ھنڌن تي ڊينگي خلاف عوامي آگاھي بابت پمفلٽس لڳائڻ سميت سرڪاري اسپتالن ۽ ٻين صحت مرڪزن ۾ اڳواٽ طور ڊينگي وارڊ جي قيام ۽ دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن تہ اسپتالن ۽ بس اسٽينڊز سميت عوامي ھنڌن تي صفائي جي نظام تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي. ڪمشنر سکر اسسٽنٽ ڪمشنرز کي ھدايت ڪئي تہ ذاتي حيثيت ۾ جائزو وٺڻ لاءِ سر زمين تي وڃي ڪري دورا ڪيو، معاملن کي گھڻي دير تائين التواء ھيٺ نہ رکيو وڃي ۽ جيترو ممڪن ٿي سگھي شڪايتن کي جلد حل ڪري وٺو.#

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے