ڪراچي
سنڌ ۾ هن ھلندڙ مهيني ۾ ڊينگي جا 439 ڪيس رپورٽ، سنڌ جي صحت کاتي جي تازي رپورٽ، ڪراچي ۾ 188، حيدرآباد ۾ 154، ميرپورخاص ۾ 83، سکر ۾ 10، شهيد بينظيرآباد ۾ 3، لاڙڪاڻي ۾ 1 ڪيس رپورٽ: سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو
کاتي وٽ ڊينگي جو مصدقہ رڪارڊ موجود آهي، غير مصدقہ خبرن تي يقين نه ڪيو وڃي، صحت کاتي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو
سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا الڳ يونٽ قائم، مفت علاج ۽ ٽيسٽنگ ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو
ڪراچي سنڌ جي صحت کاتي سڄي صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هن مهيني ۾ صوبي ۾ ڊينگي جا 439 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ سال 2025ع دوران ڪُل ڪيسن جو تعداد 1083 تي پهچي ويو آهي. سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته ڪراچي ڊويزن سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي 188 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، حيدرآباد ڊويزن ۾ 154 ڪيس، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 83، سکر ڊويزن ۾ 10، شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 3 جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.
سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته صحت کاتي وٽ ڊينگي جي سڀني تصديق ٿيل ڪيسن جو رڪارڊ موجود آهي. جيڪڏهن ڪو شهري ڪنهن خانگي ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائي ٿو ته ان جي رپورٽ صحت کاتي جي رڪارڊ ۾ شامل نه ٿيندي آهي. صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگ اکر ئي تصديق ٿيل ۽ مستند آهن. ان ڪري عوام کي اپيل آهي ته ڪنهن به غير تصديق خبر يا سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ اطلاعن تي يقين نه ڪيو وڃي. سمورا مريض جيڪي اسپتالن ۾ داخل ٿين ٿا يا او پي ڊي جي ذريعي اچن ٿا، انهن جو مڪمل ڊيٽا صحت کاتي وٽ موجود آهي.
صحت کاتي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ڊينگي خلاف مهم تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري رهي آهي. سڀني ضلعن ۾ اسپري، فاؤگنگ ۽ نيڪال واري نظام کي بهتر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ضلعي صحت کاتي جي ضلعي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به علائقي ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ نه ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو ئي مڇر جي واڌ جو بنيادي سبب بڻجي ٿو. حڪومت شهري ۽ ٻھراڙي ٻنهي علائقن تي هڪجهڙي توجهه ڏئي رهي آهي. سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ الڳ يونٽ ٺاھيا ويا آهن جتي مفت علاج ۽ ٽيسٽنگ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.
