اکتوبر 24, 2025

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين سيڪريٽريٽ ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ايمپلائيز نان گزيٽيڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن (سينوا) جي نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو۔ وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ آمد تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن محمد علي کوسو، سيڪريٽري غلام نبي ٻرڙو ۽ سينوا جي عهديدارن انهن جو ڀليڪار ڪيو۔ تقريب جو آغاز قاري محمد وحيد قادري جي تلاوتِ قرآن پاڪ سان ٿيو جنهن کان پوءِ محفلِ ميلادِ مصطفیٰ ﷺ جو انعقاد ڪيو ويو۔ تقريب ۾ ايم اين اي نبيـل گبول، سنڌ حڪومت جي ترجمان سُميتا افضل، مذهبي عالم علامه حافظ غلام محمد سوهو، ناميارا نعت خوان ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينوا جي نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو جن ۾ صدر معشوق منڱڻيجو، جنرل سيڪريٽري گل حميد بلوچ، سينيئر نائب صدر فيصل ميمڻ، نائب صدر بلاول جونيجو، ۽ فنانس سيڪريٽري مخدوم ولي محمد شامل هئا۔ ان موقعي تي سينوا صدر معشوق منڱڻيجو وڏي وزير کي اجرڪ پارائي جڏهن ته جنرل سيڪريٽري گل حميد بلوچ سندهي ٽوپي پارائي۔ نائب صدر بلاول جوڻيجو پڻ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو۔ خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو مان سينوا کي حضور پاڪ ﷺ جي شان ۾ هن روحاني محفل جي خوبصورت انتظام تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو۔ الله تعاليٰ هن بابرڪت محفل جي صدقي اسان سڀني ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجي رحمتون نازل فرمائي۔ وڏي وزير چيو ته حڪومت پنهنجي ملازمن کي وڏي اهميت ڏئي ٿي، ڇو⁠تہ انهن جي محنت ۽ خدمت سان ئي سرڪاري نظام چڱيءَ ريت هلي ٿو۔ هن چيو توهان سڀ اسان لاءِ تمام اهم آهيو ۽ مان دل جي گهراين سان توهان سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو۔

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے