ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اينٿني نويد جي ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي سان ملاقات
سکر (ھ.آ) ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اينٿني نويد سکر پھچي ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شھزاد، ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل، ايس ايس پي سکر اظھر مغل، ڪمشنر سکر ميونسپل ڪارپوريشن علي رضا انصاري، ھندو برادري جي رھنما مکي ايشور لال ۽ عيسائي برادري جي رھنمائن پڻ شرڪت ڪئي. انھيءَ موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي کي سکر ۾ ايندڙ مھيني منعقد ٿيندڙ عيسائي برادري جي دعائيہ تقريبات جي سلسلي ۾ بھتر انتظامن جي خاطري ڪرائي. بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ھندو برادري جي رھنما مکي ايشور لال سان پڻ مليو ۽ کيس ڏياري جي مبارڪباد ڏني ۽ تحائف پڻ پيش ڪيا.
