نومبر 21, 2024

تعليم کاتي لاڙڪاڻي ۾ مانيٽرنگ ڪندڙ آفيسرن ء تعليم کاتي جي ڪامورن پاران ضلع ۾ 352 ملازمن کي گھوسڙو ڄاڻائڻ کانپوءِ ملازمن سان ڊائريڪٽرن ، ڊي اي اوز ۽ ٽي اي اوز ذريعي رابطو ڪيو ويو جن گهوسڙو ملازمن سان مبينا سسٽم رابطو ڪيو انھن کي مڪمل طور تي فائدو ڏئي سسٽم ۾ نه اچڻ وارن 77 ماڻھن جون پگهارون بند ڪرڻ لاءِ اي جي سنڌ خط لکيو ويو آهي

ذريعن موجب سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ مانيٽرنگ آفيسرن ، ڊائريڪٽرن ، ڊي اي اوز, ٽي اي اوز, ڊي ڊي اوز جي ملي ڀڳت سان اھڙي قسم جي ڳٺ جوڙ جاري آهي جنھن ۾ تعليم کاتي جي ڪامورن جو سسٽم ملوث آهي ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾ وڌيڪ پرڏيھ ويندڙ گهوسڙو ملازمن کي فائدو ڏيڻ جا سانڀاھ ڪيا پيا وڃن

اھڙي ريت لاڙڪاڻي ڊويزن جي 352 گهوسڙو رھندڙن مان 77 ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ، انهن مان 275 ملازمن کي فائدو ڏنو ويو آهي وڌيڪ به فائدا پهچائڻ جا سانڀاھ ڪيا پيا وڃن

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے