دسمبر 2, 2024

سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس،
ارسا ايڪٽ ۾ ٿيندڙ ترميم ۽ سنڌو درياءَ تي ڊيم ۽ ڪينال ٺاهڻ وارن ملڪ دشمن منصوبن خلاف احتجاجي مظاهرن جو اعلان.

ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌو درياءَ جي قتل جو منصوبو آهي،
غلام مصطفي چانڊيو، مرڪزي صدر سنڌي هاري تحريڪ

ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ظلم، جبر ۽ ناانصافي جي انتها آهي،
غلام مصطفي چانڊيو

حيدرآباد سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ارسا ايڪٽ ۾ ٿيندڙ ترميم ۽ سنڌو درياءَ تي ڊيم ۽ ڪينال ٺاهڻ وارن ملڪ دشمن منصوبن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ 15 سيپٽمبر تي شاهپور چاڪر، 20 سيپٽمبر تي ميرواهه، 8 آڪٽوبر تي ٿرپارڪر ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو ويندو. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه تي قبضو ڪيو پيو وڃي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ظلم، جبر ۽ ناانصافي جي انتها آهي. نوان ڊيم، ڪينال، هئڊورڪس ۽ لنڪ ڪينال ٺاهي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي ڏئي، سنڌ جي زمينن، درياءَ سميت سمورا وسيلا فوج سان لاڳاپيل ڪمپني گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ذريعي غيرملڪي سرمائيدارن کي ڏئي سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌو درياءَ سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو درياءَ بچائڻ لاءِ سنڌي عوام کي پر امن جمهوري جدوجهد جي ميدان ۾ اچڻو پوندو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، علي نواز ڏاهري، دريا خان زئور، ڪامريڊ شگن ڪولهي،  مظهر حسين ميرجت، ماڻڪ ٽالپر، بلاول لاشاري، علي نواز عالماڻي، ايڊووڪيٽ محبت هاليپوٽو، رحمان نهوڙيو، ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے