دسمبر 2, 2024

لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو لائيبريري جي انچارج شمس الدين ڪلهوڙو پاران سنڌي ٻولي تي لنڪن ڪارنر ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن پروگرام ۾ امر فياض ٻرڙو ڊائريڪٽر عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئر ثقافت کاتي سنڌ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته پروگرام جي شروعات ۾ سنڌ جي ناليواري راڳي عاشق نظاماڻي وائي پڙهي ۽ شفيق الرحمان تلاوت کلام پاک پٹ کئی. ان موقعي تي امر فياض ٻرڙو سر شاهنواز ڀٽو لائيبريري ۾ موجود مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن کي سنڌي ٻولي بابت ليڪچر ڏيندي چيو ته اڄ جي ايريائي حساب سان سنڌي ٻولي ڪٿي پهتل آهي، جڏهن ته اي آءِ اي ۾ 94 ٻوليون شامل آهن ۽ ان مان 36 ٻوليون سنڌي زبان مان نڪتل آهن، اي آءِ اي مان جيترا ماڻهو فائدو وٺڻ چاهن ٿا اهي وٺي سگهن ۽ ان کي ٿريٽ نه سمجهيو وڃي ۽ ان کي موقعو سمجهي ان تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ اڄ هي پهريون سيشن آهي، پر هر مهيني اهڙا پروگرام منعقد ڪرايا ويندا ته جيئن سنڌي ٻولي بابت شاگردن کي ڄاڻ مهيا ٿي سگهي. ان موقعي تي امر فياض ٻرڙو طرفان شاگردن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا ويا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے