
ڪراچي
سول سروس اڪيڊمي جي 16هين ايس ٽي پي آفيسرن جو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو دورو
سن 2020ع کان اڄ تائين ڪراچي ۾ 7 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني تعميرون سِربمهر يا منهدَم ڪيون ويون آهن، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مزمل حسين ھاليپوٽو
ڪراچي، 15 آڪٽوبر 2025: سول سروس اڪيڊمي جي 16هين اسپيشل ٽريننگ پروگرام (ايس ٽي پي) ۾ شامل زيرِتربيت آفيسرن جي هڪ وفد پنهنجي اسٽڊي ٽور دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي مزمل حسين ھاليپوٽو سان ملاقات ڪئي۔ ڊي جي ايس بي سي اي وفد کي اٿارٽي جي تاريخ، تنظيمي ڍانچي ۽ بنيادي ذميوارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ هن ٻڌايو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، اڳوڻي ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ڪي بي سي اي) مان ترقي ڪندي 2011ع ۾ وجود ۾ آئي، جيڪا سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس 1979ع تحت تعمير، منصوبه بندي، تعميراتي معيار ۽ غيرقانوني عمارتن خلاف ڪارروائين کي ريگيوليٽ ڪري ٿي۔ ڊي جي ٻڌايو ته اٿارٽي جون بنيادي ذميواريون تعمير ۽ ڊيموليشن جي اجازت نامن جو اجرا، بلڊنگ پلانز جي منظوري، آڪيوپينسي سرٽيفڪيٽس جو اجرا، ۽ آرڪيٽيڪٽس، انجنيئرز ۽ بِلڊرز جي لائسنسنگ شامل آهن۔ هن چيو ته سن 2020ع کان اڄ تائين ڪراچي ۾ 7 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني تعميرون سِربمهر يا منهدَم ڪيون ويون آهن۔ مزمل حسين ھاليپوٽو ٻڌايو ته ايس بي سي اي جي ڊجيٽل سڌارن تحت سنگل ونڊو فسيلٽي ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي رهائشي منصوبن جي نقشَن جي آن لائين منظوري هاڻي صرف 15 ڏينهن ۾ ممڪن ٿي وئي آهي۔ انهيءَ طرح پبلڪ سيل پروجيڪٽس لاءِ ون ونڊو سيل جي قيام سان بِلڊرز ۽ ڊولپرز لاءِ منظوري جو عمل وڌيڪ شفاف ۽ تيز ٿي ويو آهي۔ ڊي جي ايس بي سي اي وڌيڪ ٻڌايو ته شهرين جي سهولت لاءِ اسمارٽ ايس بي سي اي شڪايت ازالي جو نظام (Complaint Redressal System) متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ذريعي عوام ويب سائيٽ ۽ موبائل ايپ وسيلي پنهنجون شڪايتون داخل ۽ ٽريڪ ڪري سگهن ٿا۔ هن وڌيڪ چيو ته خطرناڪ ۽ تاريخي عمارتن جو ٻيهر سروي، مجوزه سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ايڪٽ 2025 ۽ اٿارٽي جي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ اداري جي استحڪام جا قدم شفافيت، بهتري ۽ اثرائتي شهري ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيا ويا آهن۔ دوري جي پڄاڻي تي زيرِ تربيت آفيسرن ڊي جي ايس بي سي اي ۽ انهن جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اٿارٽي جون سڌارا، بهتر سروس ڊليوري ۽ اثرائتي نفاذ جا قدم شهري ترقي ۽ محفوظ تعمير لاءِ قابلِ تعريف آهن.
ڏوگر