اکتوبر 15, 2025

ٻارن جي پرورش ڪرڻ وارو عمل “سماجي ذميواري” قرار: عالمي ماهرن جو آغا خان يونيورسٽي ڪانفرنس ۾ اعلان

ڪراچي .نئين نسل جي مستقبل جي تحفظ ۽ تعمير جي حوالي سان هڪ اهم عالمي مذاڪرو اڄ ڪراچي ۾ شروع ٿيو جنھن ۾ آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊيولپمينٽ (IED) جي ميزباني هيٺ 13هين بين الاقوامي ڪانفرنس “Raising Children in Our Times” جو افتتاح ڪيو ويو۔ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه خاص مهمان جي حيثيت ۾ پنهنجي خطاب دوران چيو ته ٻارن جي صحيح پرورش “اسان جي دور جو بنيادي چيلينج” آهي، هن چيو ته “مستقبل پارليامينٽ يا ڪارخانن ۾ نه ٺهڻ بجائي اھڙي ماحول جڙندو جنهن ۾ اسان اڄ پنهنجي ٻارن لاءِ محفوظ، پرورش ڏيندڙ ۽ روشن بڻائينداسين۔” هن وڌيڪ چيو ته ٻارن جي پرورش جو موضوع هڪ ذاتي ذميواري طور ڏسڻ گهرجي، “مان هميشه ان خيال جي حمايت ڪندو آيو آهيان ته هڪ ٻار جي پرورش لاءِ پوري ڳوٺ جي ضرورت هوندي آهي جنھن ۾ سڀني کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آھي۔” صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اڄ جي پيچيده دور ۾ هر فرد تي ذميواري آهي ته هو ٻارن جي تربيت ۽ رهنمائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سيد سردار علي شاه چيو ته مستقبل جي تعمير مصنوعي ذهانت (AI) تي نه پر تخليقي تعليم ۽ تربيت تي دارومدار رکي ٿي، “اسان کي ٻارن جي فطري تجسس کي محفوظ رکڻ، ان کي اڳتي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ گهرجي۔” سيد سردار علي شاهه زور ڏنو ته اسان جا ٻار پنهنجي ثقافتي ورثي ۽ قدرن سان سلھاڙيل رهن ۽ گڏوگڏ ساڳئي وقت جدت، ٽيڪنالاجي ۽ تبديلي کي به قبول ڪن۔ هن چيو ته روشن خيال ٻارن جي پرورش لاءِ ضروري آهي ته اسان روشن خيال استادن کي به بااختيار بڻايون، هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ “ٽيچنگ لائسنس” جو تصور متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن سان تدريسي پيشو وڌيڪ پيشوراڻي حيثيت اختيار ڪندو، حڪومت تعليم ۽ تربيت جي شعبي ۾ جامع سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن ٻارن لاءِ بهتر مستقبل يقيني بڻائي سگهجي۔ انسٽيٽيوٽ جي ڊين ڊاڪٽر فريد پنجواڻي به اهڙو ئي خيال ظاهر ڪيو۔ هن چيو ته “اسان اڪثر ٻارن جي پرورش جي ذميواري صرف والدين تي وجهي ڇڏيندا آهيون، ڄڻ اها ڪا ذاتي يا انفرادي ذميواري هجي۔ سوال اهو آهي ته اسان پنهنجن ٻارن کي ڪهڙي دنيا ۾ پروان چڙهائي رهيا آهيون؟ ميڊيا، ڪارپوريشنز ۽ رياست جي ان ۾ ڪهڙي ذميواري آهي؟” ڊاڪٽر پنجواڻي اميد ظاهر ڪئي ته هي ڪانفرنس اهو خيال ٻيهر زنده ڪندي ته ٻارن جي پرورش دراصل هڪ سماجي عمل آهي۔ ابتدائي ڳالهين ۾ هن ذميواري جا اخلاقي پهلو به اجاگر ڪيا ويا، خاص طور تي اڄ جي دنيا جي چئلينجن، جهڙوڪ عدم مساوات، ڊجيٽل دٻاءُ ۽ ماحولياتي بيچيني جي پسمنظر ۾ ڊاڪٽر لِن وولبرٽ، فري يونيورسٽي ايمسٽرڊيم جي ايسوسيئيٽ پروفيسر، پنهنجي اهم تقرير ۾ چيو ته “جڏهن انسان پاڻ دنيا جي اڪثر مسئلن جو ذريعو بڻجي چڪو آهي، تڏهن هو ڪيئن بهتر انسانن جي پرورش جو دعويٰ ڪري سگهي ٿو؟” پهرين ڏينهن جي سيشنز ۾ عملي مسئلن تي سڌي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ “Raising Resilient Learners in a Digital and Divided World” جي عنوان سان هڪ پينل ڊسڪشن ۾ هارون ياسين (سي اي او تعليم آباد) ۽ برون وِن ميڪ گراٿ (گلوبل پروگرام مينيجر، آغا خان فائونڊيشن) ٻارن ۾ لچڪ، همدردي ۽ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ جا عملي طريقا پيش ڪيا۔ ان کان پوءِ پينل “Beyond Survival: Shaping Safe and Supportive Spaces for the Modern Child” ۾ ٻارن لاءِ محفوظ ۽ جامع ماحول جي ضرورت تي بحث ٿيو، جنهن ۾ عمير احمد (سي اي او NOWPDP)، ڊاڪٽر محمود مغل، ڊاڪٽر نرگس اسد (انٽرم چيئر، ڊپارٽمينٽ آف سائيڪاٽري) ۽ ڊاڪٽر فوزيه پروين (ماحولي سائنسدان، آغا خان يونيورسٽي) شرڪت ڪئي۔ اڳتي هلي، ڪانفرنس جو مرڪز فلسفياتي سوال “ڇو” مان عملي سوال “ڪيئن” ڏانهن منتقل ٿيندو، جنهن جو مقصد عمل جي رهنمائي ۽ منصوبابندي لاءِ خاڪا تيار ڪرڻ آهي۔ مباحثن ۾ جديد دور جي ٻالڪپڻ کي ترتيب ڏيندڙ عنصرن جو جائزو ورتو ويندو، جنهن ۾ ابتدائي تعليم ۽ سارسنڀال جا جديد ماڊل شامل هوندا۔ اڳين سيشنز ۾ معاشي مت ڀيد، ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت (AI) جا اثر، ذهني صحت، ۽ اخلاقي تربيت جي اهميت تي به ڳالهايو ويندو۔ آخر ۾ ڪانفرنس جو مقصد سماجي شموليت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن بنيادي صلاحيتن ۽ روين کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ آهي، جيڪي زندگي ڀر سکيا ۽ تبديليءَ سان هم آهنگ رهڻ لاءِ ضروري آهن۔ هن موقعي تي فن، انساني علمن ۽ تخيل جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو ويو

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے