
ڪراچي
سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظھار ڪندي گھري ڏُک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي.
ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام جي لاءِ آغا سراج دراني جي سياسي، سماجي خدمتون نھ وسارڻ جوڳيون آھن، آغا سراج دران ھڪ باوقار، وفادار ۽ تجربيڪار سياسي اڳواڻ ھو، جنھن سدائين صوبي جي عوام جي خدمت کي پنھنجو مقصد بڻايو.
ھن چيو تھ آغا سراج دراني نھ رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جو ھڪ مخلص ڪارڪن ھو پر ھُو جمھوري روايتن جو علمبردار بھ ھو، سندس پوري زندگي عوامي خدمت، جمھوريت جي بالادستي ۽ عوام جي حقن جي لاءِ جدوجھد ۾ گذري.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ آغا سراج دراني جي سياس بصيرت، انتظامي صلاحيت ۽ پارلياماني تجربو پيپلز پارٽي جي لاءِ ھڪ قيمتي اثاثو ھو، سندس لاڏاڻي سان نھ رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي پر سنڌ جي سياست ۾ ھڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آھي جيڪو ورھين تائين ڀرجي نھ سگھبو.
ھن وڌيڪ چيو تھ ڏُک جي ھن گھڙي ۾ مرحوم آغا سراجي دراني جي گھر ڀاتين سان ھمدردي جو اظھار ڪريون ٿا، اللھ تعاليٰ مرحوم آغا سراج دراني کي بلند درجات ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.