
ڪراچي
پوليو خلاف جنگ هڪ قومي فرض آهي، غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار گيانچند اسراڻي
گيانچند اسراڻي ڀولا خان تحصيل جي بنيادي صحت يونٽ سري جو دورو ڪيو، پوليو مهم جو جائزو ورتو
ڪراچي (14 آڪٽوبر) پوليو خلاف جنگ هڪ قومي فرض آهي. ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي جي صلاحڪار گيانچند اسراڻي ڀولا خان تحصيل جي بنيادي صحت يونٽ سري جو دورو ڪيو جتي هن پوليو مهم جي سرگرمين جو جائزو ورتو. هن پوليو ٽيمن جي ڪارڪردگي، ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي عمل ۽ فيلڊ ۾ طبي عملي جي ڪوششن جو به معائنو ڪيو. ان موقعي تي گيانچند اسراڻي چيو ته پوليو جو خاتمو سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي ۽ ان مقصد لاءِ هر ٻار تائين پهچڻ ضروري آهي. سنڌ حڪومت عوامي صحت مشن ۾ مڪمل سهڪار جاري رکندي. سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مهم دوران سخت نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ويڪسين جي وافر مقدار ۾ فراهمي برقرار رکي وڃي ۽ عوامي آگاهي مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري آهن ۽ فيلڊ ورڪر اسان جا فرنٽ لائن هيرو آهن جيڪي سخت موسمي حالتن جي باوجود گهرن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ وڃي ٻارن کي پوليو کان بچائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت انهن جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.