اکتوبر 14, 2025

سنڌ جي بلديات واري وزير نيو ڪراچي ٽائون جي چيئرمين ۽ ٻين شڪايتن تي ميونسپل ڪمشنر نيو ڪراچي کي معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي سنڌ جي بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير ناصر حسين شاهه نيو ڪراچي ٽائون جي چيئرمين ۽ ٻين شڪايتن تي ميونسپل ڪمشنر نيو ڪراچي اياز حميد بلوچ کي فوري طور معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

ناصر حسين شاهه چيو ته اهي ميونسپل ڪمشنر جيڪي چونڊيل بلدياتي نمائندن سان سهڪار نٿا ڪن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

منگل جي ڏينهن امير جماعت اسلامي منعم ظفر جي اڳواڻي ۾ ٽائون چيئرمينن جي هڪ وفد سندس سان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي.

ناصر حسين شاهه وفد سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن ۽ وزيراعليٰ جي هدايتن تي عمل ڪندي ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ بنا فرق قدمن تي عمل ٿي رهيو آهي.

هن ٽائون چيئرمينن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪوارڊي نيشن ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزير بلديات وڌيڪ چيو ته ترقياتي ڪمن جي ٽينڊرن ۽ فنڊن جي معاملي ۾ ميونسپل ڪمشنرن کي ٽائون چيئرمينن سان صلاح مشورا ڪرڻ لازمي آهن.

ڪوارڊي نيشن ڪاميٽي ۾ KMC، KDA، واٽر ڪارپوريشن، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ، ۽ ڪليڪ سميت سڀ بلدياتي ادارن جا نمائندا شامل ڪيا ويندا.

ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي يوٽيلٽي ادارن جي وچ ۾ به ڪوارڊي نيشن ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي.

هن وفد کي يقين ڏياريو ته نئين بلدياتي قانون بابت جماعت اسلامي ۽ ٻين سياسي پارٽين سان صلاح مشورا ڪيا ويند

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے