
ڪراچي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) مزمل حسين هاليپوٽو جي هدايتن تي غيرقانوني تعميرات خلاف فيصلائتو ڪريڪ ڊائون، بنا ڪنهن مت ڀيد جي ڪارروايون جاري رهنديون، ڊائريڪٽر جنرل جو واضع موقف۔ ايس بي سي اي جي ترجمان موجب غيرقانوني اڏاوتن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران ضلعي ملير ۾ غيرقانوني هائوسنگ پروجيڪٽ الزهره ريزيدنسي ۽ دي گريٽ فارم هائوس کي سيل ڪيو ويو، جڏهن تہ لياقت آباد، ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا، ضلعي ساؤتھ ۽ ايسٽ ۾ 15 غيرقانوني اڏاتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، جن ۾ اضافي منزلون، پورشن ۽ دڪانون شامل هيون۔ انهيءَ دوران آر سي سي ڇتيون ۽ ڀتيون به ڪيرائي ڇڏيون۔ تفصيل موجب ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي جي هدايت تي ڊيموليشن اسڪواڊ ضلعي ملير ۾ غيرقانوني پروجيڪٽ الزهره ريزيدنسي واقع شاهه مراد سوسائٽي کي سيل ڪيو، جڏهن تہ دي گريٽ فارم هائوس تي جاري اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون ۽ اڱڻ سيل ڪيو ويو۔ ضلعي سينٽرل ۾ ٿيل ڪارروائين ۾: پلاٽ نمبر 5/872 تي ستين منزل جي آر سي سي ڇت ۽ ڀتيون، پلاٽ نمبر 9/183 تي غيرقانوني دڪانن جا رولنگ شٽر ۽ پارٽيشن ڀتيون، ناظم آباد ۾ پلاٽ نمبر 9/1 سب بلاڪ 5-C تي گرائونڊ کان ٻي منزل تائين اڏاوتون، پلاٽ نمبر 17/13 سب بلاڪ 5-E تي گرائونڊ کان پهرين منزل تائين پورشن ۽ ڀتيون، پلاٽ نمبر 2/6 سب بلاڪ 1-E تي لازمي کليل جڳهه تي ٿيل اڏاوتن، عثمانيه سي ايڇ ايس گلبهار ۾ پلاٽ نمبر 201 تي ٽين منزل، رضويه سي ايڇ ايس ۾ پلاٽ نمبر B-16 تي ٻي منزل جي آر سي سي ڇت، ڪالمن ۽ ڀتين کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو۔ ان سان گڏ نارٿ ڪراچي ۾ پلاٽ نمبر C-70/1، سيڪٽر 11-B تي ٻي منزل جي آر سي سي ڇت ۽ ڀتيون به ڊاهي پٽ ڪيون ويون۔ اضافي طور، ضلعي سينٽرل جي فيڊرل بي ايريا ۾ ڊيموليشن ٽيم پاران مڪمل ڪارروايون ڪيون ويون: پلاٽ نمبر R-760 بلاڪ 16 تي ٻي منزل جي آر سي سي ڇت، پلاٽ نمبر R-429 بلاڪ 16 تي ميزنائن فلور جي ڇت ۽ ڀتيون، پلاٽ نمبر R-225 ۽ R-226 بلاڪ 2 تي گرائونڊ کان ٻي منزل تائين اڏاوتون، پلاٽ نمبر R-679 بلاڪ 15 تي گرائونڊ کان پهرين منزل تائين لازمي کليل جڳهه تي ڇت ۽ ڀتيون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، پلاٽ نمبر 1507 بلاڪ 15 تي غيرقانوني دڪانن جا رولنگ شٽر ڊاهي پٽ ڪيا ويا۔ ان دوران وڏي جٿي جي طرفان سرڪاري عمل ۾ مزاحمت ۽ هنگامي صورتحال سبب امن امان جي خدشن تحت وڌيڪ ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي۔ ٻئي طرف ڊيموليشن اسڪواڊ ضلعي ساؤٿ ۾ پلاٽ نمبر 102، GK-01 غلام حسين قاسم ڪوارٽر صدر تي پهرين منزل جي پارٽيشن ڀتين کي ڊاهي پٽ ڪيو ۽ ٻي منزل کي سيل ڪيو۔ لياري ۾ غيرقانوني بلوچ ڪار پارڪنگ واقع بزنجو چوڪ، يو سي 06 تي غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون ۽ جڳهه سيل ڪئي وئي۔ ان کان علاوه ضلعي ايسٽ ۾ پلاٽ نمبر 63/1-B بلاڪ 06 پي اي سي ايڇ ايس تي ٽين منزل جا ڪالم ۽ ڀتيون ۽ پلاٽ نمبر 1158 بي آءِ بي سي ايڇ ايس تي ٽين منزل جون پري ڪاسٽ تعميرون ڊاهي پٽ ڪيون ويون۔ مٿيون سڀئي ڊيموليشن واريون ڪارروايون ڊائريڪٽر ڊيموليشن ريحان خان جي سربراهي ۾، لاڳاپيل ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز ۽ ڊيموليشن آفيسرن جي نگراني ۾ عمل ۾ ڪيون ويون۔ ان دوران امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايس بي سي اي پوليس فورس سميت علائقي جي پوليس نفري به گڏ موجود هئي۔