
حيدرآباد 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي، ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ (24 سيپٽمبر تي) حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس رٿيل، ڪانفرنس جون تياريون مڪمل. تفصيلن موجب ڪانفرنس جي تياري ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. تياري ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي اڳواڻن ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ سنڌ جا اديب، دانشور، شاعر، وڪيل، ليکڪ، سياسي سماجي شخصيتون ۽ هاري ۽ مزدور اڳواڻ شرڪت ڪندا. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، عوامي ورڪرز پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر نور نبي راهوجي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري، ناليواري اديب جامي چانڊيو، يوسف لغاري ايڊووڪيٽ، اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ نامور قانوندان مسعود نوراني، پروفيسر اعجاز قريشي، نصير ميمڻ، ادبي سنگت جي سڪريٽري نور چاڪراڻي، شاعر احساس ميرل، پروفيسر مشتاق ميراڻي، ايڊووڪيٽ شهاب اوستو، اديب ۽ شاعر مير حسن آريسر، هالار نواز، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ عضفرنه، امداد چانڊيو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر ايڊووڪيٽ ڪاظم مهيسر، ملير بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، حيدرآباد بار جي جنرل سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ايڊووڪيٽ حسيب پنهور، ايڊووڪيٽ غلام الله چانگ، سماجي اڳواڻ عائشه ڌاريجو، حسين مسرت، شفيع مرگر، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاهه، اديب فهيم نوناري، ناول نگار، اديب منير چانڊيو، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، سماجي اڳواڻ نور بجير، ايڊووڪيٽ رشيد راڄڙ، ايڊووڪيٽ رميش گپتا، ليکڪ ۽ اديب جاويد راڄپر، ايڊووڪيٽ منظور کوسو، اديب رحمت الله ماڃوٺي، ايڊووڪيٽ نويد جروار، ايڊووڪيٽ ارباب جنجهه، ايڊووڪيٽ شبير مري، ايڊووڪيٽ غلام نبي جروار، ايڊووڪيٽ مير مڱريو، سماجي اڳواڻ سلمان جي ابڙو، ڪاشف بجير پروفيسر نويد سنديلو، اديب حفيظ ڪنڀر، ليکڪ قاسم سوڍر، شاعر راج راڄپر، ايڊووڪيٽ غفار ناريجو، سگا اڳواڻ يعقوب ناريجو، ڊاڪٽر علم الدين انصاري، شاعر مارو خشڪ، اديب محمد علي مانجھي، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، ڊاڪٽر سعيد ميمڻ، ڊاڪٽر حسن، ڊاڪٽر سڪندر مغل، سماجي محمد بخش بروهي، ڊاڪٽر شاهنواز دل، پروفيسر روشن خاصخيلي، ايڊووڪيٽ سليمان ڏاهري ۽ ٻين اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ محققن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني وئي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌي قوم سجاڳ ٿئي، سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻي آهي، پيپلز پارٽي سنڌ جو سودو ڪري سنڌ جون زمينون، وسيلا ۽ سنڌو درياهه وڪرو ڪيو آهي پر سنڌي قوم ان سوديبازي کي برداشت نه ڪندي، سنڌو درياهه جا تاريخي وهڪرا بحال ڪرائڻ تائين جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته 27هين ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو پيو وڃي، سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي، ارغونن، ترخانن ۽ انگريز حملا آورن خلاف سنڌ جي جوڌن جوانن جنگ جوٽي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪئي ۽ هاڻ به پرامن جمهوري جدوجھد وسيلي سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ وارن منصوبن کي ناڪام بڻائبو. بلاول شهباز اتحادي سرڪار سنڌ ٽوڙڻ جو فيصلو واپس وٺي، پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي سازش بند ڪري.