اکتوبر 14, 2025

سندھ حڪومت ۽ ڪيمبرج جي وچ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ او ۽ اي ليول مضمون متعارف ڪرائڻ بابت مشاورت

ڪراچي ــ سنڌ جي تعليم ۽ معدني وسيلن جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه سان ڪيمبرج اسيسمينٽ انٽرنيشنل ايجوڪيشن (CAIE) پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر عظميٰ يوسف پنهنجي وفد سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري زاهد علي عباسي سميت ٻين آفيسرن به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي تعليمي ڍانچي ۾ سڌارا آڻڻ، خاص طور درسي ڪتابن جي جديد جي ضرورتن تياري ۾ مدد، استادن جي تربيت، بنيادي سکيا (Foundational Learning) ۽ اسيسمينٽ ريفارمز (امتحاني اصلاحات) بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان مقصد لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جيڪو مستقبل لاءِ عملي قدمن ۽ سفارشو ىن تيار ڪرڻ تي ڪم ڪندو. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ ڪيمبرج پروگرام متعارف ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي، هن ٻڌايو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سرڪاري اسڪول ۾ او ليول ۽ اي ليول جا مضمون شروع ڪيا ويندا، جيئن پٺتي پيل طبقي جي شاگردن کي عالمي معيار جي تعليم تائين رسائي ملي سگهي. هن وڌيڪ چيو: “اسان نٿا چاهيون ته باصلاحيت ٻار صرف وسيلن جي کوٽ سبب پوئتي رهجي وڃن، تنهن ڪري حڪومت رجسٽريشن ۽ امتحان جي خرچن ۾ به اھڙن شاگردن جي مدد ڪندي.”
ڪيمبرج جي ڪنٽري ڊائريڪٽر عظميٰ يوسف چيو ته سڀ کان اهم پهلو استادن جي تربيت آهي. هن ٻڌايو ته او ليول پروگرام لاءِ ارلي چائلڊ ايجوڪيشن کان اٺين ڪلاس تائين ڪيترن ئي سڌارن جي ضرورت آهي، جيئن ٻار ذهني ۽ علمي طور تي تيار ٿي سگهن. هن يقين ڏياريو ته ڪيمبرج سنڌ حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪندو ۽ استادن جي تربيت کي “پائيدار هدف” قرار ڏيندي چيو ته ان جا نتيجا ڊگهي عرصي تائين اثرائتا ٿين ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربي مان سکڻ جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے