
سنڌ سرڪار ھلندڙ ھفتي عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.
سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ھڪ اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پنڪ اسڪوٽيز پروگرام جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪنول ڀٽو سميت ٻين آفيسر شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت ھلندڙ ھفتي عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ڏيڻ وڃي رھي آھي، ھي سھولتن عورتن جي لاءِ ھڪ انقلابي قدم آھي، عورتن کي روزاني آمدورفت ۾ سولائي ٿيندي.
ھن چيو تھ ھن سھولت جي فراھمي سان وقت جي بچت، سفري سھولتن ۾ گھٽتائي سان گڏ عورتن کي ھڪ محفوظ ۽ باوقار سفر ميسر ايندو، ھي اسڪيم خاص طور تي اُنھن عورتن جي لاءِ آھي، جيڪي روزانو تعليم، ملازمت يا ٻين ضرورتن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ڀاڙينديون آھن.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ درخواست گذار عورتن ۽ شاگردياڻين جو رڪارڊ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ذريعي ترتيب ڏنو پيو وڃي، شفاف ميڪنزم تحت ميرٽ ۽ ضرورت جي بنياد تي اليڪٽرڪ اسڪوٽيز الاٽ ڪيون پيون وڃن.
ھن چيو تھ سنڌ سرڪار طرفان ھڪ شفاف ۽ سڻائوطريقيڪار اختيار ڪيو ويو آھي تھ جيئن وڌ کان وڌ عورتون ھن سھولت مان لاڀ ماڻي سگھن، سنڌ حڪومت چاھي ٿي تھ عورتون پنھنجي زندگي جي ھر شعي ۾ خودمختيار ھجن ۽ ھي اسڪيم انھن لاءِ ھڪ ھاڪاري قدم ثابت ٿيندي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سمورين شاگردياڻين ۽ ملازمت پيشھ عورتن کي ھن سھولت مان ڀرپور فائدو وٺڻ گھرجي ۽ سنڌ سرڪار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت چاھي ٿي تھ عورتن کي اھڙا موقعا مھيا ڪيا وڃن جن سان تعليم، نوڪري ۽ ٻين سرگرمين ۾ پوري ريت حصو وٺي سگھن.