حيدرآباد 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي، ڪالاباغ ڊيم، نون ڊيمن ۽ ڪئنالن جي تعمير، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن خلاف 24 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ سڏايل ڪانفرنس جي تياري لاءِ عوامي تحريڪ طرفان رابطا مهم ۽ مختلف سياسي، سماجي، ادبي شخصيتن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ ڄام تماچي نامياري ليکڪ ۽ دانشورن سان ملاقاتون ۽ ٽيليفونڪ رابطا ڪيا، جن ۾ جامي چانڊيو، فهيم نوناري، حفيظ ڪنڀر، ادريس لغاري، ابراهيم ڪنڀر، رحمت الله ماڃوٺي ۽ ٻين کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي نور احمد ڪاتيار چيو ته 27هين آئيني ترميم ۽ نوان صوبا سنڌ جي وحدت تي وار آهن. 27هين ترميم ذريعي آئين کي بي اثر بڻائي اسٽيبلشمينٽ کي قوت بخشڻ جي سازش رٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم ۽ نوان ڪئنال سنڌ جي پاڻي ۽ زراعت لاءِ تباهي آهن. پيڪا ايڪٽ ۽ ٻيا ڪارا قانون ماڻهن جي اظهار جي آزادي تي حملو آهن. هن چيو ته 24 سيپٽمبر جي ڪانفرنس ۾ سنڌ جون سياسي ڌريون، ترقي پسند شاعر، اديب ۽ دانشور وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. سنڌ جي ناڻي، وسيلن، پاڻي، خودمختياري ۽ حق حڪمراني سميت سنڌ جي مک مسئلن تي سنڌ جي اديبن، دانشورن، شاعرن، سياسي سماجي اڳواڻن جو موقف هڪ ئي آهي سنڌي قوم جو واضح ۽ گڏيل پيغام آهي ته سنڌي قوم پنھنجي ڌرتي، درياهه ۽ وحدت تي وار برداشت نه ڪندي. جامي چانڊيو چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون صوبن جا منصوبا سنڌ خلاف سازشون آهن، جن کي روڪڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ضروري آهي. لال جروار چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌي قوم کي زمين کان محروم ڪرڻ جي سازش آهن. هنن منصوبن وسيلي سنڌي قوم کان به فلسطينين جيان پنهنجي ڌرتي کسي پئي وڃي.
