
حيدرآباد عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ سرواڻ جتوئي ۽ منصور ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اڄ (27 جولائي) گهوٽڪي ۾ ڌاڙيل راڄ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ قبيلائي دھشتگردي خلاف ڪانفرنس ڪئي ويندي. هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري انارڪي پکيڙي وئي آهي، سنڌ اندر لاقانونيت جو راڄ آهي، سنڌ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهيل آهي. هنن چيو ته سنڌ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي آهي، جيڪا تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻي معدنيات سان مالا مال آهي، جنهن وٽ پنهنجو سمنڊ، بندرگاهه ۽ سنڌو درياهه آهي ان ڌرتيءَ جو دشمن قوتن وڏي عرصي کان وٺي گهڻ طرفو گهيرائو ڪيو آهي. شهري دهشتگردن وانگر رٿابندي سان ڌاڙيلن کي پالي تاتي سنڌ جي عوام جي سيني مٿان سوار ڪيو ويو آهي، خاص ڪري سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ڪيو ويو آهي. ڪوبه ماڻهو محفوظ ناهي. ٻي طرف سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان بي دخل ڪرڻ لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي لکين ايڪڙ زمين ٻين ملڪن ۽ ڪمپنين کي ڏيڻ ۽ انهن کي سنڌو درياهه مان پاڻي ڏيڻ لاءِ چولستان ڪئنال، چناب ڊيم ۽ ٻين ڪئنالن ۽ ڊيمن جي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ جي عوام جي جدوجهد باوجود نون ڪئنالن ۽ نون ڊيمن جي تلوار سنڌ مان لٽڪيل آهي. آئين ۽ قانون جي حڪمراني بدران سنڌ ۾ قبيلائي نظام کي تحفظ ڏئي مضبوط ڪيو ويو آهي. سردار ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، قتلن سميت ماڻهن جي زندگي ۽ موت جا فيصلا ڪن ٿا.
ميھڙ عوامي تحريڪ تعلقي ميھڙ طرفان ميهڙ تعلقي ۾ وڌندڙ بدامني، سردارن جي سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ، جرڳن وسيلي عورتن جي قتلام، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ، ڪامورا شاهي جي ڪرپشن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، تعلقي صدر ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، ايڊووڪيٽ غلام شبير کوسو، ايڊووڪيٽ ظهير احمد ناريجو، ايڊووڪيٽ رياض احمد مهيسر، ايڊووڪيٽ وسيم سومرو، ايڊووڪيٽ امتياز مهيسر، ايڊووڪيٽ علي رضا زرداري، رستم علي سرگاڻي، گلزار علي چانڊيو، امتياز علي سيال، محمد ايوب مهيسر، ارشاد علي مغيري، نصير احمد سنڌي، احمد علي مهيسر، محمد صديق مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميھڙ تعلقي ۾ ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، ايس ايس پي دادو پنهنجي ايس ايڇ اوز معرفت سرعام منشيات جي اڏن تان منٿليون وٺڻ ۾ مصروف آهي شهري روز ڦرجن لٽجن پيا پر ميهڙ انتظاميہ کي ڪابه پرواھ ناهي ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ ميھڙ تعلقي مان سو کان مٿي موٽر سائيڪلون ڦر ٿيون آهن، پندرھ ويهن کان مٿي ڌاڙا لڳا آهن، چورين جو ته ڪوبه انداز ئي ناهي پر هن وقت تائين ڪو به ڏوھ رڪور نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو به ڏوهاري گرفتار ٿي سگهيو آهي ڏوهارين کي ڦل ڇوٽ ڏني وئي آهي، انتظاميہ طرفان ڪوبه روپوش يا ڏوهاري گرفتار نه پيو ڪيو وڃي، تنهن ڪري اسين ان سڄي عمل ۾ ايس ايس پي دادو کي مڪمل طور تي ذميوار سمجهندي کيس امن امان بحال نه ڪرائڻ تي نااهل آفيسر ٿا سمجهون، ۽ اهڙي نااهل آفيسر جي بدلي جو پڻ مطالبو ڪريون ٿا ته ڪوبه ايماندار آفيسر مقرر ڪري دادو ضلعي جي بگڙيل امن امان کي بهتر بڻائي سمورا ڏوھ رڪور ڪرائي ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياھ تي نوان ڊيم ڪئنال ٺاهڻ ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي جا دهشتگرد منصوبا آهن، پنجاب اڳ ۾ ئي سنڌ جو 90 سيڪڙو پاڻي چورائي ويو آهي، هڪڙي پاسي درياھ ۾ ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، انڊس رور سسٽم ۾ گهڻي مقدار ۾ پاڻي پهتو آهي ته ٻي طرف سنڌ جي ڪئنالن جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، نتيجي ۾ سارين ۽ فصلن جو ٻيجارو سڪي رهيو آهي. حڪومت جي هاري دشمن پاليسين سبب ملڪ جي زراعت تباھ ٿي رهي آهي، زراعت جي تباهي ملڪي معيشت جي تباهي آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري زمينون مقامي بي زمين هارين ۽ هارياڻين کي ڏنيون وڃن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي سرڪاري سردارن جي سرپرستي ۾ نيٽو جا اسمگل ٿيل هٿيار فراهم ڪيا پيا وڃن، ان اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري عملدارن ۽ قبائلي سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ پڻ آندو وڃي..