
ڪراچي۔ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آھي ته ملڪ ۾ صدارتي نظام ۽ قومي حڪومت جون ڳالھيون غير جمھوري ۽ آئين جي خلاف آھن ڇاڪاڻ ته جمھوريت جي ھوندي آئين ۾ صدارتي نظام ۽ قومي حڪومت جي ڪا به گنجائش ناھي۔
اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڇنڇر ڏينھن صدر آصف علي زرداري جي 70 ھين ساگرھ جي موقعي تي کيس مبارڪباد ڏيندي ھڪ بيان ۾ ڪيو آھي۔ ھن چيو ته آئين کي ٽوڙڻ بنا ملڪ ۾ صداتي نظام لاڳو نه ٿو ٿي سگھي ڇاڪاڻ ته 18 ھين ترميم ۾ آئين ٽوڙيندڙن کي آرٽيڪل 6 جو مرتڪب قرار ڏنو ويو آھي
ان لاء صدارتي نظام جون ڳالھيون ڪندڙ آئين جي خلاف ورزي ۽ آرٽيڪل 6 جا مرتڪب نه ٿين۔ ھن چيو ته قوم ماضي ۾ به مارشل لائن ۽ صدارتي نظام کي رد ڪري چڪي آھي ۽ ھاڻي به ان ڳالھ تي اتفاق راء موجود آھي ته ملڪ ۾ جمھوري پارلياماني نظام جو تسلسل جاري رکيو وڃي۔ نثار کھڙو چيو آھي ته صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي 18 ھين ترميم کي رول بيڪ ٿيڻ کان بچائڻ لاء ديوار بنجي بيٺل آھي ۽ 18 ترميم کي رول بيڪ ٿيڻ نه ڏنو ويندو۔ ھن چيو ته سڀني مسئلن جو حل جمھوريت ۽ پارليامينٽ جي تسلسل جاري رھڻ ۾ آھي ۽ جيڪڏھن سڀئي ادارا پنھنجي پنھنجي دائري اختيار ۾ رھي ڪم ڪندا ته ملڪ ۾ جمھوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي۔
ھن چيو ته ملڪ وڌيڪ ڪنھن به غير آئيني تجربي جو متحمل نه ٿو ٿي سگھي ڇاڪاڻ ته ڪنھن به غير آئيني عمل کان ڪمزور جمھوريت وڌيڪ بھتر آھي۔ ھن چيو ته صدر آصف زرداري جي جمھوري ڪردار ادا ڪرڻ سبب 2008 ع کان ملڪ ۾ جمھوريت ۽ پارليمينٽ جو مدو پورو ٿيڻڻ جو تسلسل جاري رھندو پيو اچي ۽ مدو پورو ٿيڻ تي شفاف نموني اقتدار جي منتقلي پڻ ٿيندي پئي اچي ۽ عدم اعتماد جي رٿ منظور ٿيڻ کان علاوه ڪنھن ٻئي طريقي سان حڪومت کي نه ٿو ھٽائي سگھجي۔ ھن چيو ته آصف زرداري جمھوري ۽ سياسي ويزن تحت شھيد بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائي ملڪ کي ھر بحران مان ٻاھر ڪڍي رھيو آھي۔ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو ته آصف زرداري سپريم ڪورٽ ۾ تاريخ جي درستگي لاء ريفرنس موڪليو ۽ پيپلز پارٽي عدالت کان تاريخ ۾ درستگي ڪرائي ۽ جڏھن بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته آصف زرداري وفاق کي بچائڻ لاءِ ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هنيو ۽ بلاول ڀٽو زرداري ”جمهوريت کي بهترين انتقام“ قرار ڏئي جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آھي۔ ھن چيو ته شھيد ڀٽو ملڪ کي متفقه آئين ڏنو ته آصف زرداري آئين کي اصل حالت ۾ بحال ڪرائي صوبن کي خودمختياري ۽ 18 ھين ترميم ڏني۔
ھن چيوته صدر آصف زرداري جي 18ھين ترميم سبب صوبن جي معاشي حقن تي حملي ۽ رات جي اونداھ ۾ جمھوري حڪومتن کي گھر موڪلڻ جو رستو ھميشه بند ڪيو ويو آھي۔ ھن چيو ته اميد آھي ته صدر آصف علي زرداري جي ھوندي 2025ع ۾ نئين قومي مالياتي ايوارڊ جو رستو ھموار ٿيندو ۽ نئين اين ايف ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌائي 57 سيڪڙو مان 60 سيڪڙو ڪيو ويندو۔