جولائی 31, 2025

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ (SBoSS) جو باقاعده افتتاح ڪيو جيڪو هڪ انقلابي ڊجيٽل پليٽفارم آهي جنهن جو مقصد صوبي ۾ ڪاروباري رجسٽريشن ۽ لائسنس حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان ۽ تيز بڻائڻ آهي.

افتتاحي تقريب وزيراعليٰ هائوس جي بينڪوئيٽ هال ۾

منعقد ٿي جتي وفاقي وزير بورڊ آف انويسٽمينٽ، صوبائي وزير، سيڪريٽريز، ناليواري واپاري شخصيتن ۽ ٻين معززين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير هن منصوبي کي صوبي جي معيشت ۽ گورننس لاءِ هڪ انقلابي قدم قرار ڏنو ۽ چيو ته هي قدم ڪاروبار ۾ آسانين پيدا ڪرڻ ۽ نجي شعبي کي بااختيار بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ جي عملداري لاءِ ضروري قانوني قدمن تي ڪم جاري آهي ته جيئن صوبي ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ آسان بڻجي.

مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان اڳي "ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانين” واري عالمي انڊيڪس ۾ 190 ملڪن مان 147هين نمبر تي هو، جيڪو هاڻي گذريل ٽن سالن جي بهتري بعد 108هين نمبر تي اچي ويو آهي. هن زور ڏنو ته ملڪ ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ صنعتي واڌاري تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. وڏي وزير وڌيڪ وضاحت ڪئي ته هاڻي لائسنس حاصل ڪرڻ جو عمل مڪمل طور آن لائن ڪيو پيو وڃي جنهن سان درخواست گذار سڌو سنئون لاڳاپيل ادارن ڏانهن پنهنجون درخواستون موڪلي سگهن ٿا.

ان سان رجسٽريشن جو عمل وڌيڪ تيز ۽ آسان ٿي ويندو. هن چيو ته اسان کي دنيا جي رفتار سان هم قدم هلڻو پوندو، نه ته پوئتي رهجي وينداسين. سنڌ صنعتي واڌاري ۾ اڳواڻي ڪندو. سيد مراد علي شاهه اعتراف ڪيو ته سنڌ حڪومت بابت ڪجهه منفي تاثر موجود آهن پر زور ڏنائين ته هو پنهنجو ڌيان ڪم تي ڏيندا ۽ نظام کي جديد اصولن تي استوار ڪندا. هن چيو ته اسان جي حڪومت جديد طريقي سان ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۾ اڳڀرا ٿي سگهون.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ رڳو هڪ ڊجيٽل نظام نه پر حڪمراني جي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارا آهي. سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اهو پاڪستان جو پهريون صوبو آهي، جنهن ڪاروبار سان لاڳاپيل قاعدن جي سهولت لاءِ مڪمل ون ونڊو نظام لاڳو ڪيو آهي. هي نظام ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان شروع ڪيل منصوبي “Competitive & Livable City of Karachi” جي تحت متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن وسيلي 9 اهم کاتن مان 32 قسمن جي اليڪٽرانڪ لائسنسنگ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. مستقبل ۾ ان جو دائرو وڌائي 16 کاتن مان 130 کان وڌيڪ ضابطن ۽ تعميري خدمتن تائين واڌارو ڪيو ويندو. هي پليٽفارم مڪمل طور آن لائن، 24 ڪلاڪ موجود آهي، ۽ قومي نظامن جهڙوڪ نادرا، سيڪورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، ون لنڪ ۽ پاڪستان ميٽ ڊپارٽمينٽ سان ڳنڍيل آهي. ان سان سڃاڻپ جي فوري تصديق ۽ محفوظ ڊجيٽل ادائيگي ممڪن ٿي وئي آهي. اهو نظام بلاڪ چين ٽيڪنالاجي به استعمال ڪري ٿو ته جيئن شفافيت، معلومات جي حفاظت ۽ فراڊ کان بچاءُ کي يقيني بڻائي سگهجي – جيڪو ڪنهن به ڪاروباري سهولت لاءِ هڪ قومي پورٽل لاءِ پهريون قدم آهي. وڏي وزير چيو ته "چاهي اوهان وڏا سيڙپڪار آهيو يا گهر مان ڪاروبار هلائيندڙ ننڍا واپاري، ‘سنڌ بزنس ون ونڊو سسٽم’ سڀني لاءِ منصفاڻي، اڳڪٿيل ۽ آسان رسائي مهيا ڪري ٿو.”

هن واپارين ۽ صنعتڪارن کي دعوت ڏني ته هو هن نظام مان

پورو فائدو وٺن. مراد علي شاهه زور ڏنو ته "سنڌ بزنس ون ونڊو سسٽم” صوبائي حڪومت جي پائيدار اقتصادي ترقي، سيڙپڪاري جي سهولت، ۽ نجي و سرڪاري شراڪتداري تحت خاص اقتصادي زونز جي ترقي واري وسيع ايجنڊا سان مطابقت رکي ٿو. هن عالمي بينڪ جو شڪريو ادا ڪيو ته جنهن هن سڌاري واري عمل ۾ اسٽريٽجڪ مدد ڏني ۽ سيڙپڪاري کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هن وڏي پيماني جي سڌارن جي مڪمل ٿيڻ تي ساراهيو. وڏي وزير اعلان ڪيو ته ‘سنڌ بزنس ون ونڊو سسٽم’ جي ايندڙ مرحلي ۾ سڀني ضابطن ۽ لائسنسنگ خدمتن کي آن لائن ڪيو ويندو، صوبي ۾ ڪاروباري سهولت مرڪز قائم ڪيا ويندا ۽ هڪ 24 ڪلاڪ موجود ڊجيٽل ڪال سينٽر قائم ڪيو ويندو ته جيئن صارفين کي فوري رهنمائي ملي سگهي. مراد علي شاهه آخر ۾ چيو ته هي شروعات آهي. اسين اهڙي مستقبل جي بنياد وجهي رهيا آهيون، جيڪو جدت، ڪارڪردگي ۽ گڏيل معاشي خوشحالي تي ٻڌل هوندو. سنڌ بزنس ون ونڊو سسٽم جو پليٽفارم هاڻي سرڪاري طور تي فعال آهي ۽ سنڌ جي سمورن شهرين لاءِ موجود آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير براءِ سيڙپڪاري قيصر شيخ چيو ته "سنڌ بزنس ون ونڊو سسٽم” ڪاروباري عمل کي آسان بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. وفاقي حڪومت به ڪاروباري لائسنس جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ملڪ ۾ سيڙپڪاري وارو ماحول بهتر بڻائي سگهجي. قيصر شيخ چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ ڪاروباري سهولتن جي واڌ لاءِ فعال طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سندن ڪوششون قابل تعريف آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ڪرنسي مستحڪم ٿي رهي آهي، ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا بهتر ٿي رهيا آهن ۽ معاشي اشاري بهتري طرف اشارو ڪري رهيا آهن جيڪي اسان سڀني لاءِ حوصله افزا آهن.

هن چيو ته اڄ جي تقريب ۾ پهريون ‘سنڌ بزنس ون ونڊو

سسٽم’ لائسنس جاري ڪيو ويو، جيڪو هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اهي قدم ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائيندا ۽ سيڙپڪارن لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪندا. وڏي وزير جي خاص مددگار براءِ سيڙپڪاري قاسم نويد ۽ سيڪريٽري سيڙپڪاري راجه خرم شهزاد به ان موقعي تي خطاب ڪيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے