جولائی 31, 2025

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه، K-IV آگمنٽيشن منصوبي بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي هدايت ڪئي

ته سڀني لاٽن تي تيزيءَ سان ۽ اعليٰ معيار سان ڪم ڪيو

وڃي، خاص طور تي لاٽ 1 ۽ لاٽ 2 تي سيپٽمبر کان باقاعدي ڪم شروع ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ صوبائي وزير بلديات سعيد غني (ويڊيو لنڪ ذريعي)، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاه، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر K-IV عثمان معظم ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ هئا. K-IV منصوبو ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو آهي. بريفنگ دوران وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته لاٽ 1 تحت "ريزروائر ون” کان "وائي جنڪشن” تائين پاڻي جي فراھمي جو ڪم ڪيو ويندو جڏهن ته لاٽ 2 ۾ "ريزروائر ٽو” کان "سر سيد يونيورسٽي” تائين واٽر لائن وڇائي ويندي.

لاٽ 3 ۾ سر سيد يونيورسٽي کان گل بائي تائين ۽ لاٽ 4 ۾ "ريزروائر ٿري” کان بنارس تائين پاڻي جي فراھمي لاءِ واٽر لائن وڇائي ويندي. واضح رهي ته K-IV ۽ BRT منصوبن جي وچ ۾ 2.7 ڪلوميٽر جو گڏيل ڪوريڊور هوندو جتي 96 انچ ۽ 72 انچ قطر جي واٽر پائپ لائينز وڇايون وينديون. 96 انچ جي واٽر لائين عزيز ڀٽي پارڪ ۽ اردو ڪاليج ڀرسان لڳائي ويندي جڏهن ته 72 انچ جي لائن پڻ ساڳئي علائقي ۾ لڳائي ويندي.

اهو پڻ ٻڌايو ويو ته K-IV ۽ BRT جي گڏيل ڪوريڊور جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي ۽ سيپٽمبر کان ان تي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي. وڏي وزير مراد علي شاه هدايت ڪئي ته K-IV آگمنٽيشن منصوبي جي ڪم ۾ ڪابه سستي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ترقياتي عمل کي هر حال ۾ يقيني بڻايو وڃي.

هن پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ چيئرمين کي خاص هدايت ڪئي ته منصوبي جي اڳڀرائي جي باقاعده نگراني ڪئي وڃي.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هي منصوبو انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ سڀني لاٽن تي معيار مطابق ۽ وقت سر ڪم مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن ميئر ڪراچي کي پڻ هدايت ڪئي ته منصوبي جي معيار تي سخت نظر رکي وڃي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے