
ڪراچي
سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته خاص ٻارن لاءِ آئون سدائين رضاڪار طور موجود آھيان ۽ خاص ٻارن لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي ٻارن جي منصوبي جو ڪريڊٽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي وڃي ٿو، جن هن سلسلي ۾ جوڳا قدم کنيا آهن.
ڊي ايس پي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شاهراهه ڀٽو سان گڏ به زمين مختص ڪئي وئي آهي، جتي وزيراعليٰ سنڌ اسٽيٽ آف دي آرٽ سهولتون قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن خاص ٻارن کي وڌيڪ بهتر سهولتون مهيا ڪري سگهجن.
هن ميڊيا کي اپيل ڪئي ته ٽي وي چينلن کي گهرجي ته اهي اهڙن سينٽرن تي پروگرام نشر ڪن، ڇو ته گهڻو ڪري رڳو ناڪاري پهلو ڏيکاريا ويندا آهن. هتي جي صورتحال ۽ ٻارن کي ڏسي هو جذباتي ٿي پيا. شرجيل انعام ميمڻ آٽزم سينٽرن جي شاندار ڪم جي تعريف ڪندي چيو ته ميڊيا انهن جا مثبت پاسا اجاگر ڪري ته جيئن وڌيڪ کان وڌيڪ والدين واقف ٿي سگهن.
هن چيو ته ڪيترن ئي والدين کي اڃا تائين خبر ناهي ته اهڙا مرڪز موجود آهن، جتي خاص ٻارن لاءِ جديد علاج ۽ سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون. هن چيو ته هر ڪم جي پويان الله پاڪ جي حڪمت هوندي آهي، ۽ خاص ٻارن لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ هي ٽيون سينٽر سرگرم آهي ۽ ٻارن جي علاج لاءِ جديد سهولتون هجڻ گهرجن. هن چيو ته وزيراعليٰ مراد علي شاهه صحت جي شعبي ۾ ڪيترائي نمايان قدم کنيا آهن، ۽ سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کڻي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ لڳ ڀڳ ٽي لک ٻار ڊائون سنڊروم جو شڪار آهن، جن لاءِ خاص مرڪزن جي سخت ضرورت آهي.