جون 29, 2025

دريائن جو پاڻي سمنڊ تائين نه پهچندو ته سامونڊي پٽي ختم ٿي سگهي ٿي: سيد مراد علي شاهه

انڊس ڊيلٽا تائين پاڻي پھچائڻ ماحول ۽ زمين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ لازمي آھي: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زمين کي بنجر ۽ ڏڪار کان بچاءَ بابت عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آھي ته پاڻي زندگي آهي ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته بنجر ٿيندڙ زمين ۽ وڌندڙ ڏڪار جي خطرن خلاف عوامي شعور اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وڻڪاري، برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ ۽ جديد واٽر مينيجمينٽ بابت رٿائن تي عمل پيرا آهي. سيد مراد علي شاهه خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن درياهه جو پاڻي سمنڊ تائين نه پهتو ته سامونڊي پٽي ختم ٿي سگهي ٿي. انڊس ڊيلٽا جي وجو د لاءِ سنڌوءَ درياهه جو قدرتي وهڪرو برقرار رکڻ لازمي آهي. هن چيو ته ماحولي انصاف جي حوالي سان لوئر ريپيرين رائيٽ (Lower Riparian Rights) کي سڄي دنيا ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته انڊس ڊيلٽا تائين پاڻي جي فراهمي ماحولي انصاف جي گھرج آهي، جيئن زمين، ماحول ۽ جيوت کي تحفظ ملي سگهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے