جون 24, 2025

ڪراچي
سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير براءِ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ سنڌ سرڪار سخت قدم کڻندي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) جيلز کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) جيل، جيل سپرنٽنڊنٽ سميت ٻين آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي
ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملير جيل مان 129 قيدي فرار ٿيا، اهي قيدي ھارڊ ڪور ڏوهاري نه هئا هن چيو ته پوليس انهن قيدين جي گرفتاري لاءِ ڪوششون وٺي رھي آهي
شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ٻھ رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو شامل آهن اها ڪميٽي جلد رپورٽ پيش ڪندي
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪي قيدي 24 ڪلاڪن جي اندر رضاڪاراڻي طور واپس اچن ٿا، انهن خلاف سخت ڪارروائي نه ڪئي ويندي، پر جيڪي قيدي پاڻمرادو واپس نه ايندا، انهن خلاف جيل ٽوڙڻ جي دفعات هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويندا، جن ۾ 7 سالن جي قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي هن اهو به واضح ڪيو ته انهن ڪيسن ۾ دهشتگردي جون دفعات به شامل ڪيون وينديون
هن چيو ته ڀڄي ويل قيدي وڏين سزائن کان بچڻ لاءِ فوري طور پيش پون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے